ڀارت ڳالهين بدران ڌمڪين تي لهي آيو، پاڪستان سان بدلو وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

0Shares

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي پيو ۽ هن ڀڀڪي ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. پنهنجي تازي بيان ۾ ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن، پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسا پاڪستان کي سرپرائز ڏينداسين، کين به اها ئي تڪليف ٿيڻ گهرجي، جيڪا اسان برداشت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ئي ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪندو آيو آهي، اسان پنهنجي ايندڙ ڪارروائي جا تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون. ڀارت پهرين ڳالهين کان فرار جو رستو اختيار ڪيو ۽ هاڻي گدڙ ڀڀڪين تي لهي آيو ڀارتي آرمي چيف چيو ته اسان پنهنجي حڪمت عملي ظاهر نه ڪنداسين فوجي ڪارروائي هميشه سرپرائيز هوندو آهي پاڪستان کي ان جي زبان ۾ جواب ڏنو ويندو اسن پاڪستان فوج جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون پاڪستان کي درد محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته هٿيارن جي ضرورت آهي خريد ڪنداسين پاڪستان جيڪو ڪندو آهي اهو ڪندو رهي جوابي قدم به کڻنداسين ٻئي طرف ڀارت پاڪستان سان ڳالهين واري آڇ کي ٺڪرائيندي  انڪار ڪري ڇڏيو آهي ذريعن موجب ڀارت پنهنجي اندروني مسئلن  جي دٻاءُ سبب ڳالهيون معطل ڪيون آهن ڪشمير ۾ انساني حقن بابت گڏيل قومن جي رپورٽ تي ڀارت جو کلاهٽ جو شڪار ٿي ڳالهيون ڪرڻ جي انڪار ڪيو آهي ڪلڀوشن ۽ احسان الله احسان جا بيان ان رپورٽ ۾ ڀارتي دهشتگردي جو کليل ثبوت آهن مودي سرڪار کي اندروني طور تي بدعنواني جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي انهن سببن جي ڪري ڀارت ڳالهين کان لنوائي رهيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں