ڪراچي (چيف رپورٽر+نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم پاران سنڌ سميت ملڪ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جڏهن سسٽم ۾ پاڻي موجود ناهي ته ڊيم ٺاهڻ مان ڪهڙو فائدو وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ رٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس لاءِ سنڌ جو ڪيس تيار ڪيو ويو اجلاس ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ ۽ قانون سڌسماءُ ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪارمرتضيٰ وهاب سميت لاڳاپيل سيڪريٽري شرڪت ڪئي اجلاس جي ايجندائن ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ ڪي فور رٿا لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي سميت ٻيا نقطا شامل هئا وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو موقف آهي ته ڪراچي لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي هن چيو ته ڪي فور رٿا لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي جيئن ڪرائين جي شهرين جو پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪري سگهجي ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي تھ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪاوشن ڪري عاشوري وارا ڏينھن پُرامن رھيا. ھن پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ عاشوري واري ڏينھن ماتمي جلوسن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ 10 محرم الحرام تي سموري سنڌ جي جلوسن جو دورو ڪيو. ان حوالي سان وڏي وزير سڀ کان پھرين ڪراچي جي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب گڏ ھو. وڏي وزير ايم اي جناح روڊ تي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران ھن جلوس جي منتظمين سان ملاقات پڻ ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ايم اي جناح روڊ کان ايمپريس مارڪيٽ تائين جلوس جي اڳواڻي ڪئي. ھن ايمپريس وٽ بوھري برادري پاران قائم ڪيل ايمبولينس سروس جو بھ معائنو ڪيو. انھيءَ بعد سيد مراد علي شاھھ ڪراچي ۾ جلوس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ سکر روانو ٿيو، اتي ھن روھڙي، ضلعي سکر جي ماتمي جلوس جو فضائي جائزو ورتو. صوبائي وزير ناصر شاھھ ۽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب پڻ ان موقعي تي سندس گڏ ھئا. انھيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ گذريل ڪجھھ سالن کان محرم الحرام جون مجلسون ۽ ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو وٺي رھيو آھيان ۽ اڄوڪي ڏينھن ماتمي جلوسن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ کان شروعات ڪئي آھي ۽ انھيءَ کانپوءِ روھڙي، شڪارپور، خانپور، جيڪب آباد، ڪوٽڏيجي ۽ لاڙڪاڻي جي جلوسن جو پڻ فضائي جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير سکر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ وفاقي حڪومت شيون وڪرو ڪرڻ کان ھاڻ اصل گورننس ڏانھن اچي وڃي. وڏي وزير زور ڀريندي چيو تھ انھن مني بجيٽ پيش ڪري ٽيڪس وڌايو آھي. ھن چيو تھ ھن مھيني جي آخر ۾ سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ وزير شامل ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو تھ پاڻي مسئلو انتھائي سنگين آھي ۽ ڊيم اڏڻ کان پھرين ان ڳالھھ تي تجزيو ٿيڻ گھرجي تھ سسٽم ۾ پاڻي موجود آھي بھ يا نھ. جيڪڏھن سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي نھ آھي تھ ڊيم اڏڻ فائدو ڪھڙو؟. ھن چيو تھ پرڏيھي پناھگيرن کي پاڪستاني شھريت نھ ڏيڻ گھرجي. انھيءَ بعد ڪراچي واپسي تي ايم اي جناح روڊ ۽ شاھ خراسان جي ماتمي جلوسن جو فضائي جائزو پڻ ورتائون. وڏي وزير سيد مر اد علي شاھھ بي آر ٽي گرين لائن پروجيڪٽ جو پڻ فضائي جائزو وٺندي چيو تھ ان جي ڪجھھ حصن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ گھرجي. ھن مختلف اسپورٽس گرائونڊن ۽ پارڪن جن ۾ جھيل پارڪ، ھل پارڪ، ناظم آباد جا مختلف پارڪ، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن جو بھ جائزو ورتو ۽ ھن چيو تھ راندين جا ميدان خراب ٿي ويا آھن انھن کي ٺيڪ ڪرايو وڃي ۽ پارڪن جي بحاليءَ لاءِ لاڳاپيل لوڪل باڊيز ۽ مقامي ڪميونٽيز کي پڻ ملوث ڪيو ويندو تھ جيئن اھي بعد ۾ انھن جي سارسنڀال ڪري سگھن. ھن چيو تھ ڪراچيءَ کي پارڪس جي وڌيڪ ضرورت آھي ۽ ان سان گڏ وڏي پئماني تي وڻڪاري ھئڻ گھرجي ۽ ان لاءِ لوڪل باڊيز، سول سوسائيٽيز ۽ اين جي اوز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي. نالن جي صفائي جو فضائي جائزو وٺندي وڏي وزير چيو تھ نالن جي صفائي صحيح نھ پئي ٿئي انھيءَ ڪم ڏانھن بھ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. ھن نالن کي شروع کان آخر تائين صفائيءَ جي حوالي سان ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز سان ڳالھائڻ جو بھ فيصلو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سي پي او ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو بھ دورو ڪيو، جتي آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ڪمشنر ڪراچي کين آجيان ڪئي ۽ وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ۾ سي پي او ۾ غيررسمي طور تي امن امان بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جيز آفتاب پٺاڻ، ڊاڪٽر ولي اللھ دل، ڪمشنر ڪراچي صالح فاروقي شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ اڄ ڏھھ محرم الحرام تي ڌڻي پاڪ جي ڪرم سان سڪيورٽي انتظام سٺا رھيا ۽ ان جو ڪريڊٽ پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانھن وڃي ٿو. ھن چيو تھ مون ٻن ڊويزنن جي سمورن حساس شھرن جو فضائي جائزو ڪيو، ھر ھنڌ سٺا انتظام ھئا. ھن اعليٰ پوليس عملدارن جي پوليس يونيفارم تبديل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن چيو تھ پوليس اھلڪار شديد گرميءَ ۾ ڊيوٽي ڪندا آھن انڪري انھن کي ٽي-شرٽ جو استعمال بھ ڪرايو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان کي پوليس ٽريننگ سينٽرز کي بھ زبردست بڻائڻو آھي. وڏي وزير پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو تھ انھن ادارن جي سٺي ڪوآرڊينيشن محرم الحرام کي پُرامن بڻايو آھي. سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن چيو ته هر هنڌ سڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سکر ۽ ٻين شهرن ۾ انتظاميه کان رپورٽ ورتي آهي، ڪوشش آهي ته الله تعاليٰ جي ڪرم سان خير آفيت سان ڏينهن گذري وڃي ۽ عزادار صحيح نموني پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري سگهن. پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏيڻ واري بيان تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشنجي سخت مزاحمت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پرڏيهين کي ڪارڊ ڏيڻ واري معاملي تي يوٽرن وٺي پٺتي هٽي ويو آهي. هن چيو ته غيرقانوني ترسيل ماڻهن کي پاسپورٽ ۽ قوميت ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي ان سان ٻيا رستا کلي ويندا، ان ڏس ۾ جيڪو قانون ۽ آئين اجازت ڏئي اُن تي ڪو اعتراض ناهي. جلسن ۾ ماڻهن جي هجوم کي خوش ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ ڳالهه ڪرڻ حڪومت کي نه ٿو جُڳائي. وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته مني بجيٽ اچي وئي، گيس جا اگهه ۽ ٽيڪسز وڌي ويا آهن ۽ پي ٽي آءِ وارا حڪمران هاڻي اصليت طرف وڃي رهيا آهن، حڪومت ڪيئن ڪبي آهي کين پتو پئجي ويندو. ڊيمن جي معاملي تي پڇيل سوال جي جواب ۾ ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڏسڻو پوندو ته پاڻي آهي به يا نه، هن وقت کيس فڪر انڊس ڊيلٽا جو آهي، ڏسڻو پوندو ته ٺٽو ۽ بدين ضلعا وڌيڪ پاڻي جي رڪاوٽ برداشت ڪري سگهندا يا نه، پاڻيءَ جي کوٽ ضرور آهي پر پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جون اهڙيون اسڪيمون آنديون وڃن جنهن ۾ لائيننگ ڪري سگهجي ۽ بهتر ايريگيشن پريڪٽسز تي به عمل ڪري سگهجي ٿو جنهن سان پاڻي جي وڌيڪ بچت ٿيندي اسان کي ان طرف وڃڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ 18 صوبائي وزير ۽ پنج صلاحڪار کڻي سگهجن ٿا، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ 12 وزير ۽ 2 صلاحڪار آهن، هلندڙ مهيني جي آخر ۾ نوان وزير کنيا ويندا جڏهن ته نالا وقت اچڻ تي ٻڌايا ويندا. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟