ڀارت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ رضامند ٿي ويو، ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ملاقات ڪندا

0Shares

اسلام آباد/نئين دهلي (بيورو+م ڊ): وزيراعظم عمران خان ، ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي جوابي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڳالهين جو سلسلو ٻيهر بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي . سفارتي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي جي خط جي جواب ۾ پنهنجو خط لکيو جنهن ۾ هن ٻنهين ملڪن وچ ۾ جلد ڳالهيون بحال ڪرڻ تي زور ڏنو . سفارتي ذريعن موجب خط ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ڳالهين جي شروعات ڪن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائنز تي پرڏيهي وزير ڳالهيون ڪن . عمران خان پنهنجي خط ۾ چيو ته ڪشمير مسئلي سميت سرڪريڪ ۽ سياچن جي مسئلي جو حل ڳولهڻو پوندو ۽ ٻنهين ملڪن کي ايندڙ نسلن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ پاڪ – ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان رويش ڪمار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائين ۾ گڏيل طور طئي ڪيل تاريخ ۽ وقت تي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ملاقات جي حوالي سان اڃا اسان ايجنڊا طئي ناهي ڪئي، رڳو ملاقات تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، گڏوگڏ هن اهو به چيو ته اها ملاقات پاڪستان جي حوالي سان ڀارتي پاليسي ۾ تبديلي جو اشارو ناهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڳالهين جي بحالي آهي. ڪرتارپور بارڊر کولڻ بابت رويش ڪمار جو چوڻ هو ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ان حوالي سان پاڪستاني حڪومت سان سرڪاري سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو پر سشما سوراج پاڪستاني هم منصب سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں