رياض / اسلام آباد( بيورو چيف + م ڊ ) پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ 10 ارب ڊالر اقتصادي پيئڪج طئي ٿي ويو آهي، سي پيڪ جي منصوبي تحت گوادر ۾ آئل سٽي ٺاهيو ويندو، وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت کي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، ذرريعن موجب عمران خان جو سعودي عرب وارو دورو ڪامياب رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ 10 ارب ڊالرن جو اقتصادي پئيڪج جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ذريعن موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ آئل سٽي به ٺاهيندو، واضح رهي ته گوادر آئل سٽي جو منصوبو پهريان چين وٽ هو، ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان چين کي سعودي عرب سان سي پيڪ معاهدو ڪرڻ بابت اعتماد ۾ ورتو آهي، چين جي رصامندي کان پوءِ سعودي عرب سان معاهدو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب متحده عرب امارات حڪومت سان به اربين روپين جا معاهده ڪيا ويندا، وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۽ ايران تڪرار ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون، ان ٻنهي اسلامي ملڪن ايران ۽ سعودي عرب ۾ تڪرار ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، انهن ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي . ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ۽ افغانستان سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، هن اهڙو اظهار سعودي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان عمارتن نه پر عوام تي پئسو لڳائڻ چاهيون ٿا، بيروني ادارن کان اڳ پنهنجن اندرين ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان گذريل 15 سالن کان دهشتگردي کان متاثر رهيو آهي، اسلامي دنيا جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بهتر مشورو نٿو ڏئي سگهي، سعودي عرب اسان جي ڀائر ملڪ آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته اولهه جي ملڪن جي ترقي جو راز ان جا مضبوط ادارا آهن، ملڪ فرد واحد نه پر ادارا مضبوط ڪرڻ سان ترقي ڪندو آهي، اسان پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪرپشن سبب ملڪن عريب ٿي ويندا آهن، افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو علائقائي ڪردار جلد شروع ٿي ويندو. اسان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان درست رخ ۾ نه وڃي رهيو هو، اسان سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان مسلم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، يمن تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان العربيا ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سعودي عرب ضرورت پوڻ تي هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، پاڪستان ۾ به جيڪو به اقتدار ۾ ايندو سعودي عرب جو سڀ کان پهريون دورو ڪندو. هن چيو ته مسلم دنيا ۾ ڪو به تڪرار نه هئڻ گهرجي ڇو ته مسلم دنيا ۾ تڪرار پهريون ئي اسان سڀني کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، پاڪستان مسلم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ مفاهمت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندو، يمن جو تڪرا ختم ڪرڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ مفاهمت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، حوثين جي حملن جي مقابلي لاءِ سعودي عرب جو ساٿ ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي تڪرارن ۾ پاڪستان پهريون ئي گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام سعودي عرب جو گهڻو احترام ڪري ٿو، پاڪستان هميشه سعودي عرب سان گڏ بيٺو آهي، سندس حمايت جاري رکندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هميشه سعودي عرب سان گڏ هونداسين ڇو ته هن هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، افغانستان ۽ ڀارت سان گڏيل اعتماد تي ٻڌل سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين وانگر پٺٽي پيل طبقي کي اڳتي آڻبو، انفراسٽرڪچر تي نه پر عوام تي رقم خرچ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته صحت، تعليم، صاف پاڻي ۽ انصاف سندس پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته رياستي ادارن کي مضبوط بڻايو ويندو ڪو به شخص ادارن کان مٿانهون نه هوندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟