سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم عاشور، ٻيلهه سواري تي پابندي، موبائل سروس بند، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

0Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان+م ڊ) حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي ڏهٽي حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي اسلام جي سربلندي ۽ حق ۽ صداقت لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قرباني جي ياد ۾ يوم عاشور  اڄ  10محرم الحرام جي ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ذوالجناح ۽ تعزيي جا جلوس برامد ٿيندا جڏهن ته اڄ 10  محرم جا جلوس برآمد ٿيندا جنهن ۾ عزادار ڪربلا جي شهيدن کي خراب عقيدت پيش ڪندا مرڪزي امام بارگاهن  اڄ مرڪزي جلوس برامد ٿيندا جيڪي پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندي اڄ  10 محرم الحرام تي پنهنجي منزل تي پهچندا جنهن کان پوءِ شام غريبان ملهائي ويندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران 10 محرم الحرام جي ڏينهن فول پروف سيڪيورٽي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن امن امان جي حوالي سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوسن جي روٽ تي موبائيل فون سروس معطل رهندي جيڪا جلوسن جي پڄاڻي تائين معطل رهندي سڄي ملڪ ۾ امن کي قائم رکڻ لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج رينجرز ۽ ايف سي جا جٿا به حفاظتي ڊيوٽين تي مقرر هوندا گهرو وزارت ۾ قائم خصوصي مانيٽرنگ سيل سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي مانيٽرنگ ڪندو لاهور ڪراچي پشاور سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾  10 محرم تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي پنجاب حڪومت يوم عاشور جي موقعي تي جلوسن جي فول پروف سيڪيورٽي جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن جلوسن جي روٽس ۽ حساس هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئمرا لڳايا ويا آهن صوبائي، ڊويزن ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪئمرا جنريٽرز لائيٽس واڪ ٿرو گيٽس ميٽل ڊڊيڪٽرز ۽ ٻين اوزارن جو استعمال ڪيو ويو آهي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار هدايتون جاري ڪيون آهن ته امن امان بابت صوبائي ڪابينه ڪميٽي امن جي صورتحال کي قائم رکڻ لاءِ ورتل اپائن جو باقاعده سان جائزو وٺي چونديل نمائنده به پوليس ۽ انتظاميه سان گڏجي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺن هن هدايت ڪئي ته جلوسن ۽ مجلسن جي حفاظت تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن کي کاڌي پتي جون شيون بروقت فراهم ڪرڻ جا انتظام پڻ ڪيا وڃن ڪمشنر ۽ آر پي اوز پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ سيڪيورٽي جي انتظامن جو موقعي تي وڃي پاڻ جائزو وٺڻ ۽ ان ڏس ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي پنجاب جي گهرو کاتي پاران 10 محرم جي موقعي تي صوبي ۾ قلم 144 تحت ٻيلهه سواري تي مڪمل پابندي هوندي هيليڪاپٽرز جي ذريعي محرم الحرام جي جلوسن جي فضائي نگراني به ڪئي ويندي جلوسن جي رستن ۾ ايندڙ تجارتي مرڪز ۽ رهائشگاهن جي تلاشي کان پوءِ انهن جي ڇتين تي اسنائپرز مقرر ڪيا ويندا عاشوره جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ امام بارگاهن مسجدن عبادتگاهن ۽ مزارن جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي ويئي آهي ۽ انٽيليجنس جي بنياد تي سرچ آپريشن جاري آهي رات جي وقت عزاداري جي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ روشني جا متبادل انتظام طور جنريٽرز جا انتظام ڪيا ويا آهن 10 محرم تي مرڪزي جلوسن ۾ شامل ٿيندڙ مختلف هنڌن تي جامعه تلاشي کان پوءِ شامل ٿي سگهندا ان لاءِ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويندا جڏهن ته جلوسن جي انتظاميه ۽ رضاڪار به حفاظتي ڊيوٽين تي مقرر هوندا جلوس جي رستن ۾ بنا اجازت پاڻي ۽ کير جو سبيلون لڳائڻ ۽ نياز ورهائڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان ڏس ۾ انتظاميه کي ذميواري ڏني ويئي اهي ته اها ان تي پابندي جي ذميوار هوندي ته ڪوبه اڻڄاتل شخص پنهنجي طور تي کاڌي پيتي جون شيون نه ورهائي ان کان سواءِ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي نظر ۾ رکندي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ هوندي ۽ سمورن ايم ايس صاحبان کي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي الرٽ رکڻ ۽ دوائن جو لاڳاپيل اسٽاڪ پورو رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ان کان سواءِ اڄ   جلوس برامد ٿيندا جنهن ۾ عزادار ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندا سڄي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ 10 محرم جي مناسبت سان مجلسون ٿينديون جن ۾ ذاڪر ۽ عالم سڳورا ڪربلا جي ميدان ۾ پيش آيل واقعا خاص طور تي حضرت امام حسين عليه اسلام ۽ ان جي ڪافلي ۾ شامل معصوم علي اصغر سميت ٻين ٻارڙن جي اڃ ۽ انهن جي استقامت کي بيان ڪندا لاهور ۾ مرڪزي جلوس پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره مان برامد ٿيندو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا ۽ رستي ۾ ايندڙ سموريون بازارن ۽ مارڪيٽ بند رهندا.  ٻئي طرف  سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي جڏهن ته  ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس پڻ معطل رهندي .محرم الحرام دوران سيڪيورٽي خدشن سبب موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.  ٻئي پاسي اڄ  10 محرم الحرام جي جلوسن  جي سيڪيورٽي کي سخت ڪندي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائل فون سروس معطل رکي ويندي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں