پاڻي ذخيرن بابت واضح موقف رکون ٿا، ڀاشا ڊيم مان ڪئنال نه ڪڍڻ طئه ٿيل آهي: مرتضيٰ وهاب

0Shares

ڪراچي( چيف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون، اينٽي ڪرپشن واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪيلريسڪيو ايمرجنسي ريسپانس سينٽر اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، جيڪو ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ عاشوري دوران امن وامان ۽ حفاظت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئمرائن ۽ ٻين انتظامن سان گڏ پوليس ۽ رينجرزاهلڪارن جي مقرري  جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آھي . ڪمشنر ڪراچي ۽ پوليس انتظاميه ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ انتظاميه ۽ پوليس آفيسرن هر طرف کان هن جو  خير مقدم ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سان صوبائي سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي ، ڊائريڪٽر اطلاعات زينت جهان صديقي ۽ ٻيا سينيئر آفيسر گڏ هئا. اطلاعات ۽ قانون واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب صوبائي حڪومت جي هدايتن جي روشني ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان محرم الحرام دوران امن وامان قائم ڪرڻ ۽ حالتن جي صورتحال ۽ پرامن جلوسن ۽ اجتماعن جي گذرگاھن  بابت سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان آگاهي ورتي. ان سلسلي ۾ شهرين جي زندگي ۽ ملڪيت جي ڀرپور حفاظت لاءِ عاشوري جي ڏهاڙن ۾ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال ۽ غير معمولي واقعن ، جلوسن کي پرامن بڻائڻ لاءِ مختلف انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ڊسٽرڪٽ انتظاميه ۽ مقرر ڪيل  پوليس اهلڪار جيڪي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا اهي  امن وامان قائم ڪرڻ لاءِ ۽ سمورن رستن جي نگراني پڻ ڪندا. جتان جلوسن ۽ مجلسن جو انعقاد ڪيو ويندو.قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار سمورن رستن ۽ جاين جي نگراني جلوس ڪرائيندڙن  جي اڳواڻن جي سهڪارسان جاري رکندا ۽ سمورن رستن جي آخر تائين نگراني ڪندا رهندا. اطلاعات ۽ قانون واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سمورن انتظامن ۽ حفاظتي اپائن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن حفاظتي انتظامن جي روشني ۾ صوبائي حڪومت باهمي سهڪار ۽ امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ اسان جي گڏيل سماجي ۽ مذهبي ذميواري بڻجي ٿي ته سمورن ماڻهن جي ملڪيت ۽ حفاظت لاءِ عوام کي پنهنجو سهڪار ۽ مدد فراهم ڪيون ۽ عوام پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته فول پروف سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ سمورن ڊويزنن ۽ ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته هر سطح تي ڪيل انتظام ۽ صورتحال صوبائي حڪومت جي نظر ۾ آهن  ۽ ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارا الرٽ ۽ مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن،ميڊيا سان ڳالهائيندي  صحافين جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ذاتي طور تي هو محرم الحرام لاءِ ڪيل حفاظتي انتظامن جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي  ۽قانون نافذ ڪندڙ ايجنسين ۽ انتظاميه کي ان  سلسلي ۾ لازمي مدد ۽ سهڪار فراهم ڪعي وڃي. ان موقعي تي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته صوبائي حڪومت سموري ڪابينه جي ميمبرن ، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار ويٺي آهي ۽ عوام لاءِ هر سطح تي فلاح و بهبود لاءِ ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني ۽ فلسفي جي روشني ۾ عاشوري جي دوران عوام ۽ جلوسن جي حفاظت ۽ جلوسن جواختتام پرامن بڻائڻ پهرين ترجيح آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻي ذخيرن بابت سنڌ حڪومت جو موقف واضح آهي، اهو طئه ٿيل آهي ته ڀاشا ڊيم مان ڪئنال نه ڪڍيو ويندو. ان موقعي تي دلچسپ ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آئي ته اطلاعات کاتي وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب بغير ڪنهن پروٽوڪول جي پنهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪندي پهتو، اتي موجود ماڻهن صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي تعريف ڪئي. 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں