ايشيا ڪپ: افغانستان جو بنگلاديش کي 256 رنسن جو هدف، بنگالي ٽائيگرز ڏکيائين جو شڪار

0Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) افغانستان ايشيا ڪپ جي ڇهين ميچ ۾ بنگلاديش خلاف مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهي ورتيون. افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهي ورتيون. هشمت اله 58 رنسون ٺاهيون، گلبدين نائب 42 ۽ راشد خان 57رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. شڪيب الحسن 4، ابو حيدر 2 ۽ ربيل حسين هڪ رانديگر کي پويلين موڪليو. خبر ختم ٿيڻ تائين بنگلاديش جي ٽيم 35.5 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهيون هيون ۽ بنگالي ٽائيگرز ڏکيائين جو شڪار رهيا. لٽن داس 6، حسين شانتو 7، شڪيب الحسن 32، مومن الحق 9 ۽ محمد مٿن 2، محمد الله 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي چڪا.  گلبدين نائب ۽ راشد خان 2-2، آفتاب عالم، مجيب الرحمان ۽ رحمت شاهه هڪ هڪ رانديگر کي پويلين موڪلي چڪا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں