نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو ا علان ڪري ڇڏيو

1Shares

اسلام آباد (بيورو ) قومي احتساب بيورو شريف خاندان جي سزا معطلي جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر ) صفدر جي سزا معطلي خلاف اعليٰ عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. نيب اختيارين موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت جي نقل اچڻ بعد اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي. ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر هڪ جي جج محمد بشير هلندڙ سال 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 10 سال، مريم کي 7 سال ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.شريف خاندان طرفان احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سزا جي معطلي خلاف درخوستون داخل ڪيون هون جن تي ٻڌڻي ڪندي هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ احتساب عدالت جو فيصلو معطل ڪندي ٽنهي شخصيتن جي آزادي جو حڪم ڏنو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں