آرمي چيف جي چيني صدر سان ملاقات، ٻن طرفن لاڳاپن، سي پيڪ کي عملي جامو پهرائڻ تي اتفاق

1Shares

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيني صدر سان ملاقات ڪري علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجود چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خاص دعوت تي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ اڳتي لاءِ لائحا عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ميجر جنرل آصف غفور موجب چيني صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان ويجهو ڀاءُ آهي، ٻنهي ملڪن جي مثالي لاڳاپن ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي. چيني صدر پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ شعبن ۾ ڀرپور حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن خطي ۾ امن امان لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوست ملڪ آهي، سي پيڪ منصوبا چين، خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ اهم آهن. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن امان جي اهميت کي سمجهي ٿو، سي پيڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ فوج سي پيڪ جي سيڪيورٽي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي، ڏکيائين باوجود منصوبن کي ڪامياب بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته پاڪستان امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، امن مخالف قوتن اڳيان مضبوطيءَ سان بيهڻو پوندو، امن لاءِ دشمن قوتن جون سازشون ناڪام بڻائينداسين. آرمي چيف چيني صدر طرفان خاص دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي چيو ته چين جي حمايت کي وڏي اهميت ڏيون ٿا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں