سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو

1Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جي رپورٽون غير تسلي بخش قرار ڏيندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عملي طور قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 60 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهنجي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته  جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي ٿي تڏهن به ماڻهو بازياب نه ٿا ٿين،  سنڌ پوليس هر ٻڌڻي تي جاچ آفيسر تبديل ڪندي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن جو عزيز گم نه ٿئي. ٻڌڻي دوران پوليس طرفان گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽون پيش ڪيون ويون جنهن کي عدالت غيرتسلي بخش قرار ڏيندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عملي طور قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو وزارت، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ ۽ چئن شهرين جي بازيابي لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو. چئن گم ٿيل شهرين ۾ غازي خان، محمد جميل، شيرافضل ۽ شيراز شامل آهن، عدالت بازيابي بابت جاچ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڊي آءِ جي جي پوسٽ واري آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت 17 آڪٽوبر تائين اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران سرڪاري ڌر جي وڪيل چيو ته پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته چئني کي عذير بلوچ گينگ قتل ڪري ڇڏيو ، ان تي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن چيو ته اسان جي ٻچڙن کي ماريو ويو آهي ته ڪو ثبوت ڏنو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله رمارڪس ڏنا ته پوليس آفيسر ڪاغذي ڪاروائي کانسواءِ ڪجهه ناهن ڪندا، عدالت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سان ڪم آهي، هاڻ زباني جمع خرچ سان ڳالهه نه ٺهندي. عدالت 2011 ۾ گم ٿيل 5 سالا ٻارڙي جي ڪيس جي جاچ ايڊيشنل آءِ جي حوالي ڪري ڇڏي جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال مان گم ٿيل فيروز خان جي گمشدگي واري درخواست تي ميڊيڪل آفيسر کان جواب طلب ڪيو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں