ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت اڳيان واهڙائپ جو شڪار، قومي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست

0Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ پاڪستان جون وايون بتال ڪري 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب دبئي/ ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي 43.1 اورن ۾ 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستاني بيٽسمين هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا رهيا. ٽن رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم ۽ شعيب ملڪ ٽيم کي ڪجهه سهارو ڏنو پر اهي ٻئي به ترتيبوار 47 ۽ 43 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. ٻين رانديگرن ۾ فهيم اشرف 21 ۽ محمد عامر 18 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. آصف علي 9، ڪپتان سرفراز احمد 6، امام الحق 2، فخر زمان ٻڙي ۽ شاداب خان 8 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جا 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار ۽ ڪيدر جاڌو 3-3، جڏهن ته جسپريت بمرا 2 ۽ ڪلديپ يادو هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارتي ٽيم ٻن وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان هدف پورو ڪري ورتو. ڪپتان روهت شرما 52 ۽ شيکر ڌون 46 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳڀرا رهيا. رايوڊيو ۽ ڪارٿڪ 31-31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان فهيم اشرف ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  ڀونيشور ڪمار کي 7 اوورن ۾ 15 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں