سگريٽ، موبائيل فون، گاڏيون، امپورٽيڊ شربتون، منرل واٽر، کير ۽ چاڪليٽن سميت سوين شيون مهانگيون ٿي ويون، گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) حڪومت مني بجيٽ ۾ سگريٽ ۽ مهانگائي موبائيل فون تي ڊيوٽي وڌائڻ ۽ اِي او بي آءِ جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته معاشي طور تي ملڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي ملڪ کي قرضن جي بار مان ڪڍڻ اسان جي ترجيحي آهي اسيمبلي ميمبرن جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويندو جيڪڏهن اسان فيصلا نه ڪيا ته زرمبادله زخيره وڌيڪ ڪري سگهن ٿا موجوده صورتحال ۾ خسارو 7.2 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪئي ويندي پيٽروليم ليوي ٽيڪس جي مد ۾ 300 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا ويندا انصاف ڪارڊ تحت علاج لاءِ 5 لک 40 هزار رپين تائين خرچ ڏنا ويندا مزدورن لاءِ 10 هزار گهرن اڏڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي اه 8276 گهرن جي اڏاوت لاءِ ساڍا 4 ارب رپيا رليز ڪيا ويندا ديامير ۽ ڀاشا ڊيمز 6 سالن ۾ ٺاهيا ويندا ڊيم لاءِ رکيل رقم ۾ ڪائي گهٽتائي نه ٿيندي وزيراعظم، وزير ۽ مراعتون کڻندڙ طبقي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ گهٽ ڪئي ويئي آهي سي پيڪ ۾ به ڪائي تبديلي نه ٿيندي 900 ٻاهرانن گهرايل شين تي هڪ سيڪڙو ريگيليوٽري ڊيوٽي ۽ 5000 ٻاهران گهرايل شيون هڪ سيڪڙو ڪمسٽم ڊيوٽي لڳائڻ ۽ نان فائلر لاءِ گاڏي خريد ڪرڻ تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي نان فائلر 0.6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندو اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ ترميم ٿيل مالياتي بل پيش ڪندي ناڻي وزير اسد عمر چيو ته معيشت کي استحڪام روزگار ۽ برامدات ۾ واڌ اسان جون ترجيحون آهن ملڪ کي قرضن جي بار ۾ ڪڍڻ به اسان جي ترجيحي آهي اسيمبلي ميمبرن جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويندو هن چيو ته گذريل سال مالياتي خسارو 6.6 سيڪڙو تائين پهچي ويو هو معاشي طور تي ملڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي توانائي جي شعبي ۾ گذريل سال ساڍا 400 ارب رپين جو خسارو ٿيو گئس جي شعبي ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ خساري کي منهن ڏيئي رهيا آهن گئس جا سمورا معاملا ڊالر ۾ ٿيندا اهن گذريل ڏينهن جو فيصلو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي جيڪڏهن اسان فيصلا نه ڪيا ته ناڻي مٽا سٽا جا ذخيره وڌيڪ هيٺ اچي سگهن ٿا ۽ موجوده صورتحال ۾ خسارو 7.2 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. اسد عمر اعلان ڪيو ته امپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ (اِي او بي آءِ) پيشنرز جي گهٽ ۾ گهٽ پيشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي پئيوڃي پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪئي ويندي پيٽروليم ليوي ٽيڪس جي مد ۾ 300 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا صنعتن لاءِ 44 ارب رپين جي سبسڊي جو اعلان ڪري چڪا آهن ريگيوليٽري ڊيوٽي جي مد ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 5 ارب رپين جو رليف ڏيئي رهيا آهيون اسد عمر چيو ته مالي سال 2018 ۾ 661 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ هو هلندڙ مالي سال ترقياتي بجيٽ 725 ارب رپيا ڪيو ويو آهي ديامير ۽ ڀاشا ڊيم 6 سالن ۾ تيار ڪيا ويندا ڊيم لاءِ رکيل رقم ۾ ڪائي گهٽتائي نه ٿيندي ۽ سي پيڪ ۾ به ڪائي تبديلي نه ٿيندي. ناڻي وزير مطابق بجيٽ ۾ تجويز ڏني ويئي آهي ته پگهاردار طبقي لاءِ سليب 6 مان وڌائي 8 ڪري ڇڏيا ۽ پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽِڪس ۾ هڪ لک 20 هزار رپين تائين واڌ ڪئي ويئي وڌ ۾ وڌ 4 لک 80 هزار رپين مان وڌائي 6 لک رپيا ڪئي ويئي خانگي ٽي وي موجب 4 مان 8 لک رپيا ساليانو آمدني تائين هڪ هزار رپيا ٽيڪس ڏيڻي پوندي 8 کان 12 لک رپيا ساليانو آمدني تي 2 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو 12 کان 24 لک رپيا ساليانو آمدني تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي 24 کان 30 لک رپيا ساليانو آمدني تي نئون سليب تيار ڪيو ويو 24 کان 30 لک رپيا آمدني تي 60 هزار رپيا فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو 24 لک کان وڌيڪ ۽ 30 لک رپين کان گهٽ آمدني تي 15 سيڪڙو اضافي ٽيڪس ڏيڻو پوندو 30 کان 40 لک رپيا آمدني تي 30 سيڪڙو فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪرڻُ پوندو. 40 کان 50 لک رپيا آمدني تي 25 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي 40 کان 50 لک رپيا آمدني تي 3 لک 50 هزار اضافي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو 50 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 29 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو 50 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 6 لک رپيا اضافي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو هن چيو ته 5 سال اڳ ملڪ تي قرض 16 ارب رپيا هو جيڪو هاڻي 28 هزار ارب رپين کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ان ۾ 2 هزار ارب رپيا شامل ناهن. ۽ هي اهي رپيا آهن جيڪي اسان کي نظر نٿا اچن هن چيو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي جيڪا صورتحال آهي اها سڀني جي ڳيان آهن انهن ادارن تي جيڪي قرض آهن اهي وفاق کي ادا ڪرڻا آهن جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ صورتحال اها آهي ته ورڪر ويلفيئر بورڊ جي فنڊ جو به 40 ارب رپين کان وڌيڪ وفاق روڪي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري مزدورن جي 8 هزار 200 گهرن جي تعمير ٿيل آهي ۽ مزدورن جي ٻارڙن جي فيسن جي ادائيگي به نه پئي ٿئي هن چيو ته خيبرپختونخواهه واحد صوبو هو جنهن 34 ارب رپين جو سرپلس استعمال ڪيو جڏهن ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ خسارو ڪيو هن ٻڌايو ته بجيٽ ۾ ڏيکاريل خساري ۽ حقيقت ۾ اٽڪل 9سئو ارب رپين جو فرق آهي جيڪڏهن قدم نه کنيا ته بجيٽ جو ڪل خسارو 2780 ارب رپين تائين ٿي ويندو هن ٻڌايو ته گذريل سال ترقياتي منصوبن تي 661 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا هئا جيڪي هن سال وڌائي 725 ارب رپيا ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ فنانشل سڌاري جي ضرورت آهي اسد عمر ٻڌايو ته 725 ارب مان 50 ارب ڪراچي جي ترقي لاءِ رکيا ويا آهن هي سمورا پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ جي ذريعي ڪيا ويندا ۽ بجيٽ تي ان جو بار نه ڪندو پنهنجي تقرير جي پڄاڻي تي هن چيو ته پاڪستان ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته 10 سال اڳ به ڏکيون حالتون هيون گذريل 30 سالن ۾ دنيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي پر قوم جي حيثيت سان اسان مختلف طريقي سان ڪم ڪرڻو آهي هن چيو ته جيڪي سٺا ڪم ٿيا اسان ان جي حمايت ڪنداسين پر هن مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ اسان کي تبديلي جي ضرورت آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته هي ملڪ مسلمانن وڏين قربانين سان حاصل ڪيو قائداعظم جي قيادت ۽ علامه اقبال جو خواب هو هي ملڪ الله تعاليٰ پاران نعمت آهي. ناڻي وزير چيو ته حڪمراني بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون چورن جي خلاف ڪارروائي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا سمورن قدمن جا نتيجا اچڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو اميد آهي ته بند فيڪٽريون جلد هلڻ شروع ٿي وينديون اسد عمر چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو ڪاٿو 18 کان 21 ارب ڊالر آهي ۽ گذريل مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 18 ارب ڊالر هو اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا تيزي سان هيٺ اچي رهيا آهن ٽيڪس ريفارمز ڪميشن جي تجويزن سان سڌارن جي شروعات ڪنداسين. فنانس بل ۾ 595 شين تي ڊيوٽي لڳائي وئي 300 شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ 295 شين تي ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو، سگريٽن تي 40 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا 1800 سي سي کان مٿي گاڏين تي ڊيوٽي لڳائي وئي سگريٽن جا پاڪيٽ تربيتوار 20، 11 ۽ 7 رپين تائين وڌي ويا امپورٽيڊ ٽن فوڊ، ٽن فروٽ، شربتون، جيلي، ٽافيون، چاڪليٽ، موبائيل فون، پليٽ بيري، رسابيري، پائن ايپل، چيري، سوئيٽ ڪارن، ڊائپرز، وائيس، کير منرل واٽر سميت سوين شيون مهانگيون ٿي ويون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں