سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم هرگز قبول نه ڪندو، غيرقانوني پرڏيهين کي ڪو ملڪ شهريت ناهي ڏيندو: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي( رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آھي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پرڏيهين کي شھريت ناهي ڏني ويندي, ملڪ ۾ سٽيزن شپ ايڪٽ موجود آھي ان تي عمل ڪيو وڃي جيڪڏھن وزيراعظم افغانين ۽ بنگالين کي پاڪستان جي شھريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو به آھي ته ان تي عمل نه ٿيندو,ان معاملي تي اسان سان صلاح مشورو ناهي ڪيو ويو, ڪالا باغ  ڊيم مئل گهوڙو آھي ملڪ جي ٽن صوبن جون اسيمبليون ان کي رد ڪري چڪيون آھن ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي,منظوري 2009. ۾ پ پ پ جي وفاقي سرڪار ڏني هئي, اهڙن خيالن جو اظھار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو, وڏي وزير سومر ڏينهن ايوان ۾ ايندڙ 9.مهينن لاء پيش ڪيل بجيٽ تجويزن بابت صحافين کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل مالي سال 2017-18 ۾ وفاق کي ورڇ جوڳي پول مان سنڌ کي627 ارب رپيا ڏيڻا هئا , اسان کي چيو ويو ته ڪٽوتيون ڪري 598 رپيا ڏينداسين پر 30 جون 2018 تائين مالي سال ختم ٿيڻ تائين سنڌ کي ڪل 548 ارب رپيا ڏنا ويا, اهڙي ريت مجموعي طور سنڌ کي واعدو ڪيل رقم کان به 49.ارب رپيا گھٽ ڏنا ويا, اسان بجيٽ ۾ 555 ارب رپيا مل ڪاٿو لڳائي بجيٽ تيار ڪئي هئي,وڏي وزير بجيٽ 2018-19 جي ترقياتي رٿائن باب ٻڌائيندي وڌي وزير چيو ته صوبئي اي ڊي پي جي نئين رٿائن لاء 21 ارب رپيا رکي ويا آھن جڏهن ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ هن سال 10 ارب رپيا رکيا ويا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال وفاق کان گهٽ رقم ملندي، ان ڪري سالياني ترقياتي  پروگرام جي بجيٽ ۾ مجموعي  طور 24 ارب رپين جي ڪٽوتي  ڪئي وئي، سيد مراد علي شاھ چيو ته هن سرڪاري کاتن ۾ گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي وجهي ڇڏي آهي.  هن سال سنڌ حڪومت گاڏيون خريد نه ڪندي. رڳو ايمبولينس ۽ پوليس موبائيل خريد ڪري سگهبيون، جن لاءِ اڳواٽ منظوري وٺڻي پوندي. وڏي وزير چيو ته سامونڊي پاڻي  کي مٺو ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کان مدد گهري آهي. جڏهن ته ڪي فور رٿا ۾ به وفاق جو تعاون گهربل هو. وڏي وزير ٻڌايو ته چونڊ  ڪيل 4650 اسڪولن مان 2236 اسڪولن ۾ سهولتن جي فراهمي جو ڪم جون تائين  مڪمل ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال لاڙڪاڻي ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم شروع ڪئي ويندي. جڏهن ته 41 ٽراما سينٽر ن  مان 31 سيپٽمبر تائين مڪمل  ٿي ويندا. مراد علي شاھ چيو ته اسين سڄي سنڌ ۾ غربت جي خاتمي وارو  پروگرام شروع ڪنداسين. جناح اسپتال ۾ ڪينسر  وارڊ تعمير پيا ڪريون جنهن ۾ به اين آءِ سي ڊي  وانگر علاج مفت  ٿيندو. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي هاڻوڪ دوري دوران ساڻس ڊيمن جي حوالي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم هڪ مئل گهوڙو آهي جنهن کي 3 صوبائي اسيمبليون ڪيترائي ڀيرا رد ڪري چڪيونآهن. جڏهن وزيراعظم پاڻ ئي  ڊيمن بابت ڳالهه نه ڪئي ته آئون ڇو ڪريان ها.  مراد  علي  شاھ عمران خان طرفان  افغانين  ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي اعلان بابت سوال  جي جواب ۾ چيو ته  ملڪ ۾ سٽيزن شپ ايڪٽ نافذ آهي. ڪنهن به غيرقانوني پرڏيهي کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ شهريت  ناهي ڏني ويندي.  هتي به سٽيزن  شپ ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي.  وزيراعظم ان بابت اسان سان ڪو به مشورو نه  ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو  اعلان ڪيو به آهي ته ان تي عمل نه ٿيندو. سرڪاري نوڪرين جي ڀرتين بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته هن وقت جتي جتي ضرورت هجي اتي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن. وڌيڪ ميرٽ تي ڀرتين لاءِ طريقيڪار  جوڙيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾  هن چيو ته سنڌوءَ  جو 80 سيڪڙو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ واري ڳالهه بلڪل غلط آهي اسان وٽ 1956ع کان وٺي جي ڊيٽا موجود آهي.  جيڪڏهن وزيراعظم  اها ڳالهه چئي آهي ته ضرور ڪنهن کيس غلط ٻڌايو هوندو. اها  ڳالهه حقيقت جي ابتڙ آهي. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت شهر مان گند ڪچرو هٽائڻ لاءِ ناهي چيو هو رڳو  جلسي ۾ اهڙي ڳالهه ڪري واپس هليو ويو. جيڪڏهن هن گورنر سنڌ اهڙي ڳالهه چئي آهي ته گورنر سنڌ  حڪومت ناهي، گورنر جيڪڏهن آئيني ڪردار تحت ڪم ڪندو ته ساڻس گڏجي ڪم ڪبو. هن چيو ته وٽس رڳو هڪ آرمر گاڏي آهي جيڪا سيڪيورٽي خدشن سبب 2010ع ۾ ورتي هئيم،  ڪا به بي ايم ڊبليو ناهي لگزري گاڏيون  اڳ جون ورتل آهن.  آئون اڪثر  خانگي گاڏي ۾ گهمندو آهيان. ايتري سيڪيورٽي به ناهيان رکندو، انهن گاڏين جي نيلامي بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته  اسلام آباد ۾ ٿيل آڪشن ۾ جيڪو وهيو واپرايو سو سڀني ڏٺو ته اتي ڪيتريون  گاڏيون وڪاميون، آرمر گاڏي جو ته ڪو خريدار ئي ناهي هوندو. وزيراعظم  کي مهيني ٻن ۾ ڳاللهه سمجهه  ۾ اچي ويندي.  سڀ ڏسن پيا ته گئس جا اگهه به وڌي ويا.  نوان ٺيڪا به لڳن پيا، سپليمينٽري  بجيٽ به وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آنديون ويون آهن. اسان ته ڪا به ٽيڪس ناهي  وڌائي، گاج ڊيم بابت سوال تي هن چيو ته  سنڌ  حڪومت کي ڪجهه تحفظات هئا. جيڪي واپڊا  دور ڪيا آهن. لاٽننگ  واري اسڪيم تي 10 سالن کان ڪم هلي پيو. اها 13 سالن واري رٿا آهي جنهن لاءِ اڃان اڌ پئسا به ناهن آيا. 26 ارب جي رٿا تي اڃان 11 ارب خرچ ڪيا ويا آهن. هن سال ٻه ارب رکيا ويا آهن  وڏي  وزير چيو ته گورک  هل اسٽيشن جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي ان لاءِ آصف علي زرداري پنهنجي صدارت  واري  دور ۾ خانگي  سيڙپڪار به موڪليا هئا پر انهن دلچسپي نه ڏيکاري. چيف جسٽس  پاران ڪالاباغ  ڊيم جي تعمير لاءِ ڏنل ريمارڪس بابت  ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته  سندس خيال ۾ چيف جسٽس  اهو چيو هو ته ڪالاباغ  سمورن صوبن جي اتفاق راءِ سان ٺهڻ گهرجي. سنڌ جو عوام  ڪڏهن به  ڪالاباغ  ڊيم لاءِ راضي نه ٿيندو. آبي وسيلن تي صوبن سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته  ڀاشا  ڊيم جي 2009  ۾ تڏهوڪي  پ پ حڪومت منظوري  ڏني هئي ان ڊيم ۾ اهو طئي ٿيل آهي ته ڪو به ڪئنال نه نڪرندو.  سرپلس  ٻوڏ جو  پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي.  الله ڪري ان جا آپريشن ساڳيا رکيا وڃن ۽  چشما جهلم لنڪ ڪئنال واري صورتحال  پيش نه اچي.  هن چيو ته  سنڌو جو پاڻي تي ڪيترائي  اڀياس ٿيل آهن. سمنڊ ۾ ڇوڙ کي ذيان نه ٿو سڏي سگهجي. آخري اڀياس  اي اين جي عباسي کان ڪرايو ويو هو. جنهن به  رپورٽ ۾ لکيو هو ته سمنڊ پاڻي ضايع نه ٿو ٿئي.  هن چيو ته  ٿر ڏڪار متاثر  علائقن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست  شروع ڪئي پئي وڃي.  وڌيڪ  علائقن تائين دائرو وڌايو ويندو. عمران  خان چيو ته هن وزيراعظم سان ڄامشورو  سيوهڻ روڊ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں