افغاني ۽ بنگالي انسان آهن، اڄ نه ته سڀاڻي شهريت ڏيڻي پوندي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان مهاجرن کي شهريت ڏيڻ بابت قومي اسيمبليءَ کان تجويزون گهري ورتيون آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مهاجرن کي شهريت ڏيڻ بابت فيصلو نه ٿيو آهي، معاملي تي بحث لاءِ ڳالهه ڪئي آهي، توهان سڀ معاملي تي تجويزون پيش ڪيو، اسان سڀني کان تجويزون گهرنداسين ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ سڀني سان مشورو ڪيو ويندو.  هن چيو ته سوال پڇندو رهندس ته اسان وٽ هي انسان آباد ٿيا آهن، سندن ڇا ٿيندو، ان حوالي سان فيصلو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته 1951ع جي قانون تحت جيڪي ٻار هتي پيدا ٿين ٿا شهريت سندن حق آهي، ڇو ته يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ به اهو ئي قانون آهي ته جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا ته شهريت سندن حق آهي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪي مهاجر عارضي طور اچن ٿا ته انهن لاءِ الڳ قانون آهي پر بنگلاديش مان آيل ماڻهو هتي 45 کان 50 سالن کان رهي رهيا آهن، سندن استحصال ٿي رهيو آهي، کين شهريت ملي ٿي ۽ نه وري واپس وڃي رهيا آهن نه هو اسان جا شهري آهن اهي نان شهري بڻجي چڪا آهن، انسانيت جي تقاضي تي چوان ٿو ته  هو انسان آهن، سندن فيصلو نه ٿيو ته ڪڏهن ڪنداسين. هن چيو ته  عالمي قانون آهي ته توهان مهاجرن کي زبردستي موڪلي نه ٿا سگهو تنهن ڪري مهاجرن جا جيڪي ٻار هتي پيدا ٿين ٿا انهن لاءِ ڪا پاليسي ٺاهڻي پوندي، اهو انساني حقن جو معاملو آهي، قوم کي ڪڏهن نه ڪڏهن انهن بابت فيصلو ڪرڻو پوندو.  سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو سبب اهو ئي آهي ته جيڪي هتي پيدا ٿيا آهن انهن کي نوڪريون نه ملي رهيون آهن، سندن ٻار اسڪول نه ٿا وڃي سگهن، اسان جي هر سوسائٽي ۾ اهي شديد مسئلا اچڻا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں