پاڪستاني ۽ قوم کي ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي سمورين معيشتن جو دارومدار پاڻي تي هوندو آهي، ڇو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي، تنهن ڪري هتي پاڻي جي وڌيڪ اهميت آهي. فيصلي موجب پاڪستان ۾ زراعت جو دارومدار پاڻي جي اڪيلي ذريعي سنڌو درياهه تي آهي، هن وقت ملڪ ۾ زندگيءَ جي بقا لاءِ پاڻي جي سخت ضرورت ۽ مستقبل ۾ اها کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سڀني جي اتفاق جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ مستقبل ۾ ضرورت تي سڀ متفق آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دستور جي آرٽيڪل 9 تحت ڪنهن به شهري کي زندگي جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، عوامي مفاد لاءِ سرڪاري ناڻي جي رقم خاص منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي ٿي، عوام جي مفاد لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي نالي تي ڊيم اڪائونٽ کوليو ويو. جڏهن ته ماهرن ڪميٽي ڊيمز جي تعمير جو فيصلو ڪنديون جڏهن ته ان پوري عمل کي ٻه جج مانيٽر ڪندا. عدالتي فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ديا مير ڀاشا ڊيم هڪ قومي مقصد آهي پوري ملڪ مان ماڻهون جوش خروش سان فنڊ جمع ڪرائي رهيا آهن فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ديا مير ڀاشا ڊيم جي لاڳت 1139 ارب آهي جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 86 ارب پهرين ئي ڏئي چڪي آهي. مهمند ڊيم جي لاڳت 309 ارب آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني قوم جو ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻجي ضرورت آهي. چئني ڀائرن کي اختلاف ختم ڪري هڪ ٿيڻو پوندو. سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته ميڊيا جي ذريعي ماڻهون پاڻي بچاءُ جو شعور اجاگر ڪيو وڃي ۽ زياده پاڻي کڻندڙ فصل گهٽ ڪاهيا وڃن زير زمين پاڻي جي استعمال جو طريقيڪار به واضح آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ زير زمين پاڻي جي استعمال تي ميٽر لڳائڻ کپي چاهي اهو گهريلو سطح تي هجي يا زرعي زمين جي استعمال اهو بند هجڻ گهرجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں