دهشتگردي جا ذميوار افغاني آهن ته انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڇو پيا جاري ڪيا وڃن: اختر مينگل

0Shares

ڪوئيٽا (بيورو) بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪراچيءَ ۾ تقرير مايوس ڪندڙ آهي،  هڪ طرف افغانستان سان ڊيورنڊ لائين تي تار لڳائي پئي وڃي ته ٻئي طرف وري پاڪستان۾ ترسيل افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏنا پيا وڃن. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته  جيڪڏهن افغانستانين کي شهريت ڏيڻ چاهيو ٿا ته افغانستان سان لڳندڙ ڊيورنڊ لائن ۽ تار کي ختم ڪيو. هن چيو ته افغانين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رڳو ڪراچي ۾ جاري ڪيا ويندا جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ 2 کان 3 قانون هلندا آهن،  اسان کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪراچي لاءِ هڪ ۽ ٻين ملڪن لاءِ ٻيو قانون ڪيئن ٿو هلي سگهي. اختر مينگل چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي سميت ٻين حالتن جا ذميوار افغان آهن ته کين شهريت ڇو پئي ڏني وڃي،  جيڪڏهن حڪومت ايئن ڪري ٿي ته 6 نقطن تي اتحاد جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي، پوءِ اسان حڪومتي بئنچ تي ڇو ويهون، حڪومت ان حوالي سان وضاحت ڪري.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں