ايشيا ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهم ٽاڪڙو اڄ ٿيندو

0Shares

دبئي  (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ  جي مئچ نمبر 5  ۾ اڄ اهم ٽاڪڙي ۾ ڀارت  ۽ پاڪستان جون ٽيمون ميدان تي لهنديون،مئچ پاڪستاني  وقت مطابق شام جو  ساڍي 4 وڳي دبئي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.  ٻئي ٽيمون گروپ  ٽيمون  هانگ ڪانگ کي شڪست ڏئي 2.2 پوائنٽون  حاصل ڪري چڪيون، روايتي حريف آخري مقابلي ۾ چيمپئنز  ٽرافي ۾ انگلينڊ  مدمقابل ٿيون. جنهن ۾ قومي ٽيم ڀارت کي بدترين شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي  نالي ڪيو هو. ٻئي پاسي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد اهم مئچ ۾ پرعزم جذبن جو اظهار ڪيو آهي.  دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  سرفراز احمد  چيو ته ايشيا ڪپ  کٽڻلاءِ هر ميچ کي پاڪ ڀارت ميچ سمجهي کيڏنداسين.  هن تسليم ڪو ته پاڪ ڀارت ميچ جو الڳ ئي ماحول هوندو آهي. وزيراعظم جي اچڻ سان رانديگرن جو جذبو وڌندو.  واضح رهي ته  چيئرمين پي سي بي  احسان ماني  پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ دبئي ويندو. ايشيا ڪپ جي شيڊول تي اعتراض واريندي  چيو آهي ته سڀني ٽيمن لاءِ قانون هڪ جهڙو هئڻ گهرجي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي کي ڏسي وٺي. ڀارت پاڪستان ٽاڪڙو اهم آهي. جنهن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري  ڀارت تي مهرباني ڪئي ويئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں