عاليا جي امڙ رنبير سان ڌيءَ جي رشتي تي خوش

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي رشتي کي رشي ڪپور کانپوءِ عاليا جي امڙ جي به منظوري ملي وئي. ڀارتي ميڊيا ۾ اڄ ڪلهه اداڪار رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي محبت جا چرچا آهن ۽ هاڻ ته ان رشتي کي ٻنهي جي والدين جي منظور پڻ حاصل ٿي وئي آهي. ڪجهه عرصو اڳ رشي ڪپور رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي تعلق بابت چيو هو ته کيس ان رشتي تي ڪو به اعتراض ناهي ۽ هاڻ عاليا ڀٽ جي ماءُ سوني رازدان پڻ ڪلين چٽ ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي ڌيءَ جي هر فيصلي ۾ ان سان گڏ آهي ۽ عاليا جي خوشيءَ ۾ ئي سندس خوشي آهي. سوني رازدان چيو ته کيس خبر ناهي ته ميڊيا ۾ عاليا ۽ رنبير بابت ڪهڙيون افواهون هلي رهيون آهن، پر هوءَ پنهنجي ڌي سان ان باري ۾ سڌو سنئون ڳالهه ٻولهه ڪندي پر آخري فيصلو سندس ئي هوندو ته هو ڇا ٿي چاهي ڇاڪاڻ جو اها سندس زندگي آهي ۽ هوءَ جيئن چاهي پنهنجي زندگي جيءَ سگهي ٿي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں