اسلام آباد(بيورو) حڪومت گهريلو صارفين لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 143 سيڪڙو تائين اضافو ڪري ڇڏيو. گئس صارفين تي هر مهيني 94 ارب رپين جو بار وڌي ويو. صنعتن لاءِ به گئس 56 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي. اقتصادي رابطه ڪميٽي منظوري ڏئي ڇڏي. نئين حڪومت مهانگائي جو پهريون وار ڪندي گهريلو صارفين لاءِ گيس 143 سيڪڙو تائين مهانگي ڪري ڇڏي. هوڏانهن ڪمرشل صارفين لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو ۽ صنعتن جي لاءِ 57 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو. اقتصادي رابطه ڪميٽي منظوري ڏئي ڇڏي، اندازي موجب اضافي سان گيس صارفين تي هر مهيني 94 ارب رپيا جو بار پوندو. هر مهيني 50 ڪيوبڪ ميٽر تائين گيس استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ قيمتن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جو بل 252 کان وڌي 275 رپيا ٿي ويندو. هر مهيني 100 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙن جو بل 480 مان وڌي 551 رپيا، مهيني ۾ 200 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙن جو بل 1851 مان وڌيڪ 2216 رپيا، هر مهيني 300 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙ جو بل 2764 مان وڌيڪ 3449 رپيا جڏهن ته مهيني تي 400 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙن جو بل 9990 مان وڌي 12980 رپيا ٿي ويندو. مهيني ۾ 500 ڪيوبڪ ميٽر گيس استعمال ڪندڙ جو بل 12482 مان وڌي 30339 رپيا جڏهن ته 500 ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙ جو بل 14973 کان وڌي 36402 رپيا ٿي ويندي. جڏهن ته ايل پي جي سلنڊر جي قيمت ۾ 200 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پاور سيڪٽر لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 57 سيڪڙو اضافو، يوريا ڀاڻ جي ڪارخانن لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو، سي اين جي لاءِ 40 سيڪڙو، سيمنٽ جي شعبي لاءِ 30 سيڪڙو اضافو جڏهن ته عام صنعتن ۽ گيس مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. ٻئي طرف سرجيڪل، چمڙي، ٽڪسٽائل، قالين ۽ راندين جي سامان بڻائيندڙ صنعتن کي گيس اضافي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان اهي تمام شيو برآمد ڪندو آهي. نئين قيمتون آڪٽوبر کان گيس بلن ۾ لاڳو ٿينديون. حتمي منظوري وفاقي ڪابينا اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڏيندي. ٻئي طرف پئٽروليم واري وزير غلام سرور خان چيو آهي ته عام ماڻهن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 23 رپيه اضافو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام سرور چيو ته گئس جي اگهن بابت سليب 3 مان وڌائي ست ڪيا ويا آهن، 38 سيڪڙو عام ماڻهن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ ڪي پي جي صارفين کي گئس گهٽ اگهه تي ملي رهي هئي جنهن جا اگهه وڌايا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ايل اين جي صارفين کي اربين رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. چوڌري غلام سرور چيو ته بجلي جي اگهن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته گئس جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو وڏن صارفين لاءِ ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته صارفين لاءِ گئس جي سليب ۾ 19 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. غلام سرور چيو ته گئس جي قيمت ۾ پهرين ٻن سليب تي 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ايل پي جي تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري 10 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي وئي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟