اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ انصاف ۽ احتساب جو ٺاهه ٿي ويو آهي، ٺاهه تحت جوابدارن جي حوالگي ۽ پاڪستاني اثاثن جي اوڳاڙي لاءِ ٻيهر ڪم ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان سان برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد سان ملاقات کانپوءِ قانون واري وزير فروغ نسيم، ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي، احتساب بابت قومي صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ برطانوي گهرو وزير گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. برطانوي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين وزيرن سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن، برطانوي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽ مارڪيٽ آهي، 2 سيڪڙو برطانوي شهرين جون پاڙون پاڪستان ۾ آهن. هن چيو ته تعليمي ادارن ۽ دفاعي رٿائن ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، دهشتگردي ۽ مجرماڻي سرگرمين سان ٻنهي ملڪن کي خطرو آهي. ساجد جاويد چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڏيکاري آهي، مني لانڊرنگ سبب ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مني لانڊرنگ سبب سڌو پاڪستاني معيشت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جي نئين باب لاءِ آيو آهيان، قيدين جي مٽاسٽا بابت پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، برطانيا نهايت ويجهو ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستاني شين جي برطانوي مارڪيٽ تائين پهچ سولي بڻائي ويندي، وزيراعظم عمران خان سان مني لانڊرنگ خلاف ڳالهيون ٿيون آهن، مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا گڏجي ڪم ڪندا. ساجد جاويد چيو ته انصاف ۽ احتساب جي گڏيل معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي، پاڪستاني اثاثن جي اوڳاڙي لاءِ به اتفاق ٿي ويو آهي، جوابدارن جي حوالگي بابت ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويندو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مني لانڊرنگ ۽ اثاثن جي واپسيءَ تي سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد ملاقات ڪئي. ساجد جاويد پرڏيهي آفيس پهتو ته شاهه محمود قريشي سندس شاندار آجيان ڪئي. ملاقات دوران علائقي سڪيورٽيءَ جي صورتحال، دهشتگرديءَ جي خاتمي، مني لانڊرنگ ۽ اثاثن جي واپسي تي گڏيل سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي موجوده تاريخي لاڳاپن کي گهڻي رخي اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جڏهن ته برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي برطانوي حڪومت جي خواهش جو اظهار ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟