ڊي پي او پاڪپتن بدلي ڪيس: سپريم ڪورٽ ڪليم امام جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، ٻيهر جاچ جو حڪم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ڊي پي او پاڪپتن بدلي ڪيس ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب ڪليم امام غير مشروط معافي وٺي ڇڏي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ٻيهر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ۾ ڊي پي او پاڪپتن بدلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو به ايندو آهي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جو چوندو آهي، ايمانداريءَ جو سرٽيفڪيٽ اسان ڏينداسين، ٻڌايو وڃي ته پنجاب جو وڏو وزير ڪيتري دير ۾ پهچي سگهي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته پنجاب جو وڏو وزير   اسلام آباد ۾ آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير اسلام آباد آهي ته هاڻي ئي گهرائي وٺو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪليم امام جي رپورٽ بد نيتي تي ٻڌل آهي، احسن جميل گجر وڏي وزير وٽ سفارش کڻي ويو هو پر رپورٽ ۾ سڀ سٺو آهي جو لکيو ويو  آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، سندس خلاف سخت ايڪشن جون هدايت جون جاري ڪنداسين. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب ڪليم امام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان توهان تي اعتماد ڪري رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر توهان بدنيتي سان رپورٽ ٺاهي، اسان لکي ڇڏيو ته توهان پوليس ۾ نه رهندا. هن چيو ته توهان پاڻ ٻڌايو ته ڇا توهان آءِ جي ٿيڻ جي اهل آهيو، هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ توهان سموري پوليس فورس تباهه ڪئي، احسن جميل ڪهڙي حيثيت ۾ ڊي پي او کان وضاحت طلب ڪئي، توهان کي رپورٽ لکندي شرم نه آيو. چيف جسٽس ڪليم کي بيج لاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي پي او پاڪپتن جي هڪ وڳي مشڪوڪ انداز ۾ بدلي ٿي ۽ توهان چئو ٿا ڪجهه نه ٿيو آهي. چيف جسٽس چيو ته توهان ڪهڙي جاچ ڪئي، آر پي او ۽ ڊي پي او جا بيان پاڻ ۾ نه ٿا ملن، توهان پوليس آفيسرن کي وڏي وزير سان ملڻ کان ڇو روڪيو. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب چيو ته مون کي واقعي جي خبر پئي ته مان اسلام آباد ۾ هيس، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اسلام آباد ۾ هئا، ڪنهن ٻي ملڪ ۾ ته نه هئا، عثمان بوزدار پنهنجي سامهون پوليس آفيسرن کي ذليل ڪرايو، گهرايو پنجاب جي وڏي وزير کي. چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪليم امام توهان کي موقعو ڏنو پر وڃائي ڇڏيو، ڪم ايمانداري سان ڪيو يا نه فيصلو عدالت ڪندي، پنهنجي دفاع لاءِ وڪيل به ڪيو. عدالت پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري کي عدالت طلب ڪندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي. چيف جسٽس سينئر پوليس آفيسر خالد لڪ کي ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل جي بدلي جي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ احسن جميل کي 2 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وقت کان اڳ  پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪيو.  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب ڪليم امام غير مشروط معافي وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ معاملي جي هڪ دفعو ٻيهر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں