ايشيا ڪپ: افغانستان سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 250 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو

0Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ سريلنڪا ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستاني ڪرڪيٽ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 249 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. رحمت شاهه 72، احسان الله 45، هشمت الله شاهدي 37 ۽ محمد شهزاد 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ٿسارا پريرا 5 رانديگرن کي پويلين موڪليو، دنانجايا 2، ملنگا، چميرا ۽ جاياسوريا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سريلنڪا جي ٽيم 250 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين جو شڪار رهي خبر مڪمل ٿيڻ تائين سريلنڪا 34.3 اوورن ۾ 7 وڪيٽون وڃائي 144 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته ٿسارا پريرا 21 رنسن ۽ دننجايا ٻڙي سان ڪريز تي موجود هئا. ياد رهي ته سريلنڪن ٽيم پهرين ميچ ۾ بنگلاديش هٿان شڪست کائي چڪي، افغانستان کان هارائجڻ جي صورت ۾ ايشيا ڪپ جي ڊوڙ ۾ ٻاهر ٿي ويندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں