ويرات ڪوهلي جي نه کيڏڻ تي اي سي سي ۽ ڀارتي بورڊ ۾ ٽڪراءُ جي ڪيفيت

0Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ايشيا ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ٽڪراءُ جي ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي. ايشيا ڪپ 2018ع جي براڊ ڪاسٽرز ويرات ڪوهلي جي نه کيڏڻ تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي احتجاجي خط لکي ڇڏيو آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڊيولپمينٽ مينيجر پريرا کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ويرات ڪوهلي جي نه کيڏڻ سان اسان کي مالي نقصان ٿي سگهي ٿو، اسان کي ٻڌايو ويو هو ته پندرنهن ٽورنامينٽ ۾ سمورين ٽيمن جا بهترين رانديگر شريڪ ٿيندا، ڪوهلي جي شرڪت نه ڪرڻ اسان سان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي آرام ڏيڻ تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندس غير موجودگي سان ٽورنامينٽ جي آمدني ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي کتو جواب ڏيندي چيو ته اي سي سي يا براڊ ڪاسٽر ڪنهن قومي ٽيم جي اليڪشن تي اثرانداز نٿي ٿي سگهي. ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪنهن رانديگر کي چونڊڻ يا نه چونڊڻ اسان جو حق آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں