عاليا ڀٽ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر رنبير سان محبت جو اظهار

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گهاٽي دوست رنبير ڪپور لاءِ محبت جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ جي چاڪيلٽي هيرو رنبيرڪپور ۽ اداڪارا عالياڀٽ جي دوستي جون خبرون هاڻ ڪنهن کي به لڪل ناهن، ٻئي اداڪار لڪل لفظن ۾ هڪ ٻئي سان محبت جو اظهار ڪري چڪا آهن جڏهن ته ٻنهي جي خاندان پڻ سندن رشتي جي حوالي سان تمام گهڻو خوش آهن. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪارا عاليا ڀٽ رنبير ڪپور جي انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي ۽ محبت جو اظهار ڪندي لکيو ته رنبير سان گڏ هو تمام گهڻي خوش آهي. واضح رهي ته نئين فلم”براهماسترا“ ۾ عاليا ڀٽ جي مقابلي ۾ اداڪار رنبير ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ ٻئي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں