ڪراچي ( شوبز نيوز ) راڳي ذوهيب حسن خبردار ڪيو آهي ته سندس مرحوم ڀيڻ نازيه حسين جي اڳوڻي مڙس کي سندس حياتي تي فلم ٺاهڻ جو ڪو به حق ناهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سندس ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ته ان تي ڪيس ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ پاڪ موسيقي جي راڻي جو خطاب ماڻيندڙ نازيه حسن جي شادي 30 مارچ 1995 تي واپاري مرزا اشتياق بيگ سان ٿي پر اها شادي گهڻو وقت ٽڪاءُ نه ڪري سگهي ۽ نازيه جي لاڏاڻي کان رڳو 10 ڏينهن اڳ ٻنهي وچ ۾طلاق ٿي وئي.نازيه حسن 13 آگسٽ 2000 کي 35 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض۾ وڪوڙجي وئي ۽ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ علاج دوران مالڪ حقيقي سان وڃي ملي. مرحوم ڳائيڻي جي ڀاءَ ذوهيب حسن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي خبر پئي آهي ته نازيه جو اڳوڻو مڙس سندس حياتي تي فلم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري سگهي ۽ نازيه حسن جي نالي ۽ شهرت کي استعمال ڪندي منافعو ڪمائي سگهي. ذوهيب حسن وڌيڪ لکيو ته ان شخص(نازيه حسن جي اڳوڻي مڙس) جي مدد ڪندڙن خلاف اسان جي خاندان طرفان قانوني ڪيس ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته کين ائين ڪرڻ جو ڪو به قانوني اختيار ناهي. ياد رهي ته نازيه حسن پاڪستان ٽيلي ويزن جي پروگرام ”سنگ سنگ“ ۽ ”ڪليون ڪي مالا“ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي هئي، جنهن بعد کيس شهرت ملي ۽ هوءَ 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ ملڪ جي پاپ انڊسٽري تي راڄ ڪرڻ لڳي. هن 13 ورهين جي عمر ۾ ڀارتي فلم” قرباني“ لاءِ گيت” آپ جيسا ڪوئي“ ڳايو جنهن کيس پوري ڏکڻ ايشيا ۾ شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. نازيه حسن کي 15 عمر ۾ فلم فيئر ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ۽ هوءَ اهو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني بڻي. نازيه حسن ۽ سندس ڀاءُ ذوهيب حسن جو جڳ مشهور ميوزڪ البم” ڊسڪوديواني“ 1981 ۾ ريليز ڪيو ويو هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟