تنقيد ڪندڙن جي پرواهه ناهي: سني ليون

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سني ليون پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته مون کي ڪو فرق نٿو پئي ته ماڻهو مون بابت ڇا ٿا سوچين. سني ليون هڪ انٽرويو دوران پنهنجي ويب سيريز ”ڪرن جيت ڪور“ جي ٻئي سيزن تي ڳالهائيندي پنهنجي حياتيءَ جي اهم رازن تان پردو کنيو. سندس چوڻ هو ته مون کي خبر ناهي ويب سيريز ٺاهڻ جو فيصلو صحيح آهي يا غلط پر مان هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿي ته اهو سڀ ڪجهه شوٽ ڪرائڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. هن چيو ماڻهو منهنجي باري ۾ ڇا ٿا سوچين، ان سان ڪو فرق نٿو پوي، مون کي رڳو ان ڳالهه جو فرق پوندو آهي ته منهنجا گهرڀاتي ۽ والدين مون بابت ڇا ٿا سوچين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں