مذهبي رسمون ڪترينا ڪيف کي مهانگيون پئجي ويون

0Shares

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف هندو مذهبي تهوار گڻيش چتروتي ادڪار سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا خان شرما جي گهر ملهايو جتي کيس غلط انداز ۾ پوڄا ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.اداڪارا ڳاڙهي رنگ جو روايتي لباس پهري دلڪش انداز ۾ گڻيش چتروتي تهوار سلمان خان جي خاندان وارن سان گڏ ملهايو ۽  پوڄا ۾ پڻ شرڪت ڪئي. پوڄا دوران سلمان خان سميت سندس سمورن گهروارن ٿالهي ساڄي پاسي گهمائي جڏهن ته ڪترينا ڪيف ان کي کاٻي پاسي گهمايو جيڪي رسم جي مناسبت سان غلط هو. اداڪارا جي پوڄا جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي جنهن تي ڪيترن ئي واهپيدارن مٿس سخت تنقيد ڪئي. هڪ واهپيدار وني گوئل لکيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي  ته کيس ٻڌائڻ گهرجي ها ته پوڄا جهڙي طرح گهڙي ڦيرا کائيندي آهي اهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، ان جي ابتڙ نه. اهڙي طرح ئي راکي نالي هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته” ڪير تي کيس سيکاري“. جڏهن ته هڪ واهپيدار سوهان طنز ڪندي لکيو ته ڪترينا” ليفٽي(کاٻڙي)“ آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں