پاڪستاني گلوڪاره يوٽيوب تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ ڳائڻي بڻجي وئي

0Shares

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني ڳائڻي مومنا مستحسن وڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب تي 100 ملين ويوز حاصل ڪندڙ پهرئين پاڪستاني ڳائڻي بڻجي وئي. پاڪستان جي خوبصورت ڳائڻي مومنا مستحسن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ بي بي سي ايشين نيٽورڪ کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته سندس راڳ جي حوالي سان انٽرنيٽ تي ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب هوءَ ڊپريشن ۾ هلي وئي هئي. مومنا چيو ته ماڻهن جي تنقيد کانپوءِ مون کي ايئن لڳو هو جيئن نه ئي مون کي گانو ڳائڻ اچي ٿو ۽ نه ئي گٽار وڄائڻ، مون گانو ڳائڻ، لکڻ ۽ گٽار وڄائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ مان پاڻ کان اهو پڇندي رهندي هيس ته ڇا مان واقعي هڪ سٺي ڳائڻي آهيان يا نه.جڏهن ته ان کانپوءِ مون کي احساس ٿيو ته ٻين جي ڳاليهن کان وڌيڪ پاڻ تي يقين ڪرڻ اهم آهي، ماڻهو چوندا آهن ته منهنجي منهن جا لاها چاڙها گانو ڳائڻ وقت ٺيڪ ناهن هوندو، پر ان ڳالهه جي ڪنهن کي پرواهه آهي ته ماڻهو ڇا ٿا چون اهي منهنجي منهن جا لاها چاڙها ئي آهن جيڪي منهنجي راڳ کي منفرد بڻائيندا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں