سپريم ڪورٽ وڏين منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي معائني ۽ فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان جي وڏين منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي معائني جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ منرل واٽر ڪمپنين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي واٽر ڪمپنين طرفان آڊٽ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت جي درخواست ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته 20 سالن کان ڪمپنيون رڳو نفعو ڪمائي رهيون آهن، ڪپنيون پاڻي وٺڻ عيوض جيڪو پئسو ادا ڪري رهيون آهن اهو دنيا ۾ سڀ کان گهٽ اگهه تي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪمپنين اربين رپين جو نفعو ڪمايو پر حڪومت کي نهايت معمولي رقم ادا ڪئي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جيڪو قوم اسان کي ڏنو تنهن کي واپس ڪرڻو آهي، ماڻهن ۾ احساس پيدا ٿي ويو آهي ته هاڻي اسان کان پڇاڻو ٿيڻو آهي. هن چيو ته پاڻي هڪ اهڙو اشو آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، هاڻي وڏين سوسائٽين جو نمبر اچڻ وارو آهي، جيڪي ٽيوب ويل هاڻي رهواسين کان سمورو اگهه وٺندا آهن پر حڪومت کي هڪ پئسو نه ٿا ڏين.  چيف جسٽس چيو ته ايندڙ هفتي سوسائٽين ۾ پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.  هن چيو ته هڪ ليٽر پاڻي 50 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ناڻي ۾ هڪ پئسي جو اٺون حصو جمع ڪرايو پيو وڃي،  پاڻي عيوض ملڪي ناڻي ۾ نهايت معمولي رقم جمع ڪرائي وئي،  پرڏيهي ڪمپنيون سيڙپڪاري ضرور ڪن پر ملڪي قانون تي پابندي سان عمل ڪن. سندس چوڻ هو ته ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته پرڏيهي سيڙپڪاري آهي، جيڪي سهولتون ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ملنديون اهي ئي مقامي سيڙپڪارن کي به ملنديون. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته قدرتي پاڻي جي استعمال تي هر ڪمپني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي صورتحال ساڳي رهي ته اسان جي ٻارن کي پاڻي نه ملندو، فرانزڪ آڊٽ بعد طئي هوندو ته ڪمپنين کي ڪيتري ادائيگي ڪرڻي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں