ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس ڪوٺايو ويو . اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت اهم سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، فردوس شميم، حليم عادل شيخ به موجود هئا . چيف سيڪريٽري پاران امن امان بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي . آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز جي ڊي جي امن امان ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته امن جي قيام لاءِ رينجرز ۽ پوليس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. عمران خان چيو ته امن امان خراب ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته پوليس کي سياسي اثر کان آزاد ڪري ميرٽ تي آفيسر آندا وڃن. وزيراعظم پاران اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻارن جي اغوا تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي . سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي سميت ٻيا منصوبا پهرين ترجيح ۾ شامل آهن. وزيراعظم گورنر کي هدايت ڪندي چيو ته وفاق جي سهڪار سان هلندڙ منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو پڻ پوکيو . ان کان اڳ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي هوائي اڏي پهتو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل سندس ڀرپور آجيان ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 1950ع کانپوءِ اسان وٽ ڪو ڊيم جو منصوبو سامهون ناهي آيو ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو، حڪومت پنهنجي پئسن مان ڊيم نٿي ٺاهي سگهي. گورنر هائوس ۾ ڊيم فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چين ۾ 84 هزار ۽ ڀارت وٽ 5 هزار ڊيم آهن، جڏهن ته اسان وٽ رڳو 150 ڊيم آهن، پاڪستان جو 80 سيڪڙو پاڻي درياهن مان سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي رهيو آهي، ملڪ جي بقا لاءِ هاڻ ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ تي 30 هزار ارب رپيا قرض آهي، اسان وٽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ رقم ناهي، جنهن سبب اسان ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڊيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ چيف جسٽس جو ڪم ناهي هوندو پر ان قدم تي سندس ٿورائتا آهيون، ڊيم فنڊ لاءِ اسان هر سال 30 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو آهي، ڊيم ٺهڻ سان بجلي به سستي ملندي ۽ پاڻي به گڏ ٿيندو. ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي قدم کڻنداسين، ڪراچي لاءِ ماسٽر پلان ڏنو ويندو، شهر ۾ رهندڙ بنگلاديشين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏينداسين، لوڪل ٽرين هلائي ويندي، ناردرن باءِ پاس کي جديد بڻايو ويندو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ واٽر ري سائيڪلنگ پلانٽ لڳائينداسين. ڪراچي سرڪلر ريلوي تي به ڪم ڪنداسين هن چيو ته ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ايندڙ نسلن لاءِ تمام گهڻي دير ٿي ويندي لساني سياست سبب ڪراچي ورهائجي ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟