وزيراعظم جي مزار قائد پهچڻ تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو احتجاج، ڌرڻو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان آچر تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار پهچڻ تي غائب ماڻهن جي گهرڀاتين ۽ نادرا جي برطرف ملازمن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ مزار قائد ٻاهران احتجاج ڪيو پوليس کين وزيراعظم سان ملڻ لاءِ مزار ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو وزيراعظم عمران خان ڪراچي پهچڻ کانپوءِ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري ته ٻاهران غائب ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين پنهنجن پيارن کي آزاد ڪرائڻ ۽ کين کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو. عورتن سميت ٻارڙن جي هٿن ۾ بينرز هئا ۽ اهي مسلسل پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ نعرا هڻي رهيا هئا مظاهرو ڪندڙن جي گهر هئي ته سندن پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي نادرا جي هٽايل ملازمن به پنهنجي بطرفي خلاف احتجاج ڪيو جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن کي وزيراعظم ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس مظاهرو ڪندڙن کي روڪي ڇڏيو ۽ کين مزار قائد جي دروازي ڏانهن وڃڻ به نه ڏنو مظاهرو ڪندڙ مزار قائد جي وي آءِ پي گيٽ سامهون احتجاج لاءِ ان اميد تي موجود هئا ته وزيراعظم وي آءِ پي گيٽ مان اچڻ جي موقعي تي اهي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا پر وزيراعظم هيليڪاپٽر جي ذريعي مزار قائد پهچڻ سبب مظاهرو ڪندڙ مايوس ٿي هليا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں