شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان تيار، شرجيل ميمڻ سميت 6 جوابدار نامزد

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ضياءَ الدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ لاءِ سب جيل قرار ڏنل ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ واري ڪيس جو چالان  پوليس شرجيل ميمڻ سميت ڇهن جوابدارن خلاف تيار ڪري سرڪاري وڪيل وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو. بوٽ بيسن ٿاڻي جي ڪيس نمبر 18/398 ۾ چالان قلم 34/201 ت پ ۾ شرجيل ميمڻ، سندس ٽن ملازمن شڪر دين،محمد ڄام ۽ محمد مشتاق ۽ ٻين ٻن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. جوابدارن سان ملي ڀڳت جي الزام ۾ جيل جي هڪ اسسٽنٽ سپريٽنڊنٽ ۽ ڪورٽ پوليس اهلڪار جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. شرجيل ميمڻ جي قيد لاءِ سب جيل قرار ڏنل ڪمري ۾ چيف جسٽس پهرين سپٽمبر تي ڇاپو هنيو هو ۽ ڇاپي بعد بوٽ بيسن پوليس شراب هٿ اچڻ وارو ڪيس داخل ڪري 3 ملازمن کي گرفتار ڪيو هو.\

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں