عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن : بلاول ڀٽو

0Shares

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي بلاول هائوس گهرائيندي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته غفلت ۽ سستي جو مظاهرو ڪندڙ وزير کي گهر جو رستو ڏيکاريو ويندو، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو آهي ،ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سيد ناصر شاهه، امتياز شيخ، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جون پڻ هدايتون ڪيون ،ابلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به وزير جي کاتي ۾ رشوت جي خبر پئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں