بيگم ڪلثوم نواز جو ٽيجهو، آصف زرداري ۽ بلاول جي نواز شريف سان تعزيت

0Shares

لاهور (بيورو)  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. پيپلز پارٽي جو وفد نواز شريف جي گهرواريجي تعزيت لاءِ جاتي امرا لاهور پهتو جڏهن ته وفد ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان، قمرالزمان ڪائرا، راجا پرويز اشرف ۽ فرحت الله بابر شامل آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نواز شريف سان سندس گهرواري ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ مرحوما جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري جو چوڻ هو ته بنا شڪ بيگم ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي، قوم جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ سندس جدوجهد کي ياد رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو شريف خاندان لاءِ تمام وڏو صدمو آهي، شريف خاندان ۽ مسلم ليگ ن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي چيو ته آخري وقت ۾ ڪلثوم نواز سان گڏ نه هجڻ تي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ٿي، پيپلز پارٽي جي قيادت جو شڪرگذار آهيان جو هن تڪليف ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.نواز شريف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو وفد ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ به شريڪ ٿيو ۽ اڄ به پارٽي وفد سان گڏ آيا جنهن تي آصف زرداري جو شڪرگذار آهيان، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي ۽ بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان شجاعت حسين، مونس الاهي، شافع حسين ملاقات ڪئي. چوڌري شجاعت حسين بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي جمهوريت لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هوڏانهن آزاد ڪشمير جو وزيراعظم محمد فاروق حيدر خان جاتي عمرا پهتو، وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف ۽ صدر ميان شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ محترمه ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي حريت اڳواڻن پاران تعزيت جو پيغام پهچايو، سينئر وزير چوڌري طارق فاروق، فاروق سڪندر، ميمبر ڪشمير ڪائونسل عبدالخالق وسي، مرڪزي رابطا سيڪريٽري مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ملڪ ذوالفقار، محمد صديق خاڪي ۽ ٻيا به وزيراعظم سان گڏ هئا. محمد نواز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، ڪابينا ميمبر، پارلياماني پارٽي، مسلم ليگي ڪارڪنن ۽ ڪشمير جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي ڄاڻ ۾ آهي ته آزاد ڪشمير مان هزارين ماڻهو جنازي نماز ۾ پڻ شريڪ ٿيا. محمد نواز شڙيف چيو ته جيل ۾ به راجا محمد فاروق حيدر خان جا پيغام ملندا رهيا، ڪشميرين هميشه عزت وڌائي سندن ٿورائتو آهيان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪلثوم نواز جي جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشمير جو عوام کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪري ٿو هوءَ بهادر عورت هئي جنهن آمريت خلاف ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي سندس موت هڪ وڏو سانحو آهي الله تعاليٰ اوهان کي هيءُ صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه ڏئي ان موقعي تي وزيراعظم راجا محمد فاروق حيدر خان بيگم ڪلثوم نواز جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري. وزيراعظم فاروق حيدر خان ڪلثوم نواز، ميان محمد شريف ۽ عباس شريف جي قبرن تي به ويو ۽ گل رکڻ کانپوءِ دعا به گهري.  ٻئي طرف اڳوڻي عورت اول بيگم ڪلثوم نواز جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ کانپوءِ اڄ سومر جي ٽيپهري کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان جي صاحبزادي مريم نواز ۽ ان جي نياڻي ڪيپٽن رٽائر صفدر کي ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويندو، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، ان جي ڌيءُ مريم نواز ۽ ان جي نياڻي ڪيپٽن (ر) صفدر کي پيرول تي آزادي ڏني وئي هئي جنهن ۾ سومر 17 سيپٽمبر تائين توسيع ڪئي وئي هئي، بيگم ڪلثوم نواز جي رقم قل ۽ رشتي دارن ۽ عزيز ۽ اقارب سان تعزيت وصول ڪرڻ کانپوءِ 17 سيپٽمبر ٽيپهري تي اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ان جي ڌيءُ مريم نواز ۽ ان جي نياڻي ڪيپٽن (ر) صفدر کي ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں