ڪالاباغ ڊيم ئي ملڪي بقا جو ضامن آهي، جنهن ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪندس: چيف جسٽس

0Shares

لاهور (بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار منرل واٽر ڪمپنين بابت ڪيس ۾ وڏين ڪمپنين جي سي اي اوز کي اڄ آچر تي طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن کي منرل واٽر جي عادت پئجي ويئي آهي ۽ هاڻي ان سان نوٽ ڪمايا پيا وڃن پاڻي هاڻي سون کان به مهانگو ٿي ويو آهي پر هاڻي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت نه هڻڻ ڏينداسين. قومي جي خدمت منهنجو مقصد آهي جنهن ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي خلاف آرٽيڪل 6 موجب ڪارروائي ڪندس گذريل ڏينهن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ زمين اندر پاڻي ڪڍي منرل واٽر ٺاهيندڙ ڪمپنين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪئي وفاقي حڪومت جو وڪيل ۽ ايم ڊي واسا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪمپنيون حڪومت کي 25 پئسا في ليٽر ادا ڪري 50 رپيا في ليٽر وڪرو ڪري رهيون آهن جڏهن ته ايم ڊي واسا ٻڌايو ته 2018 کان اڳ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون زمين مان مفت پاڻي ڪڍي رهيون آهن ان تي چيف جسٽس چيو ته پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون حڪومت سان پاڻي ڪڍڻ جو ريٽ طئي ڪن ڏسڻو پوندو ته منرل واٽر ۾ منرز آهن به يا نه مان گهر ۾ پاڻ نلڪي جو پاڻي اٻاري پيئندو آهيان ڇو ته منهنجي قوم هي پاڻي پي رهي آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن پاڻ ۾ منرل واٽر جي عادت وجهي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان مان نوٽ ڪمايا پيا وڃن رٽائرمينٽ کان پوءِ مون کي ڪوئي عهدو آڇ ڪري شرمسار نه ٿين مان آرٽيڪل 6 جو مطالعو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي خلاف آرٽيڪل 6 موجب ڪارروائي ڪندس عدالت منرل واٽر جي سمورين وڏين ڪمپنين جي سي اي اوز کي اڄ آچر صبح 11 وڳي طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي قوم ۾ اتفاق ٿيو ته ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم کانپوءِ ڪالا باغ ڊيم به ٺاهينداسين. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪوئيٽا ۾ پاڻي کوٽ سبب مسئلا سامهون آيا، خبر پئي ته ڪوئيٽا ۾ پاڻي جو مسئلو ايترو سنگين آهي جو ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، جڏهن مان پڇا ڪرائي ته خبر پئي پاڻي جو مسئلو ته سڄي ملڪ ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويندو، تنهن ڪري ان مسئلي جو اڪيلو حل ڊيم ٺاهڻ آهي، ڪالاباغ ڊيم ئي پاڪستان جي بقا جو ضامن آهي، جيڪڏهن قوم متفق ٿي وئي ته ڪالاباغ ڊيم به ٺاهينداسين. ثاقب نثار چيو ته توهان سڀ محافظ آهيو ۽ توهان کي پهرو ڏيڻو آهي ته ڊيمن جي تعمير مڪمل ٿي سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں