نيب چيئرمين شريف خاندان جي سزا معطل وارين درخواستن تي هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ميمبرن واري بئنچ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطل ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي تي چيو هو ته مفروضي تي ڏنل سزا برقرارنٿي رهي سگهي نيب جي چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن جي ٻڌڻي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته ايون فيلڊ ريفرنس جي جوابدارن جي سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ جو ڪوبه جواز نه آهي ۽ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي بدران منع نامي جي درخواست تي ڪارروائي جو به ڪوئي جواز نه آهي هاءِ ڪورٽ سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي پهريان ٻڌڻي جو فيصلو ڏيئي اختيار اورنگهيو درخواست ۾ اپيل ڪندي چيو ويو ته جيڪڏهن جوابدارن جا وڪيل اپيلن تي دليل ڏيڻ کان قاصر آهن ته جوابدار نئين وڪيل جون خدمتون حاصل ڪن ۽ سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو سزا معطل ڪرڻ جي درخواستن تي پهريان ٻڌڻي ڪرڻ جو 10 سيپٽمبر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏي ۽ هاءِ ڪورٽ کي ايون فيلڊ فيصلي جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جو حڪم ڏنو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں