اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان صدر اشرف غنيءَ سان ملاقات ڪئي جڏهن ته وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهيون ٿيون. تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور پهريون پرڏيهي دورو ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي دوري دوران افغانستان جي اعليٰ ترين قيادت سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابل هوائي اڏي تي پهتو ته افغان پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين سندس آجيان ڪئي. افعان صدارتي محل آمد تي شاهه محمود قريشي جي سندس افغان هم منصب صلاح الدين رباني آجيان ڪئي. افغان صدر اشرف غني ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي جيڪا 50 منٽن تائين جاري رهي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان ۾ امن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. افغان صدر شاهه محمود قريشي کي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون. وفد جي سطح تي ڳالهين ۾ ٻطرفي واپار، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار، بارڊر مئنيجمينٽ، جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي بندش سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي پاڪستان جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاران رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب پرڏيهي وزير پاران پنهنجي پهرين دوري لاءِ ڪابل جي چونڊ پاڪستان جي افغانستان ۽ علائقائي امن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي، ڪامياب دوري سان مستقبل ۾ امن ڳالهيون ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻئي طرف پرڏيهي کاتي طرفان شاهه محمود قريشي جي افغانستان جي دوري بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب شاهه محمود قريشي افغان صدر اشرف غني، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ هم منصب سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير افغان قيادت کي خير سگالي جو پيغام پهچايو، ٻنهي ملڪن جوائنٽ اڪنامڪ ڪميٽي ۽ افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان تي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرائيءَ موجب ٻنهي ملڪن جلال آباد قونصل خاني جا سيڪيورٽي معاملا جلد حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ قونصل خانو ٻيهر آپريشنل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي افغان قيادت کي چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا، افغان قيادت هيٺ سياسي عمل جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا ۽ ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار آهيون. پڌرائي موجب شاهه محمود قريشي افغان پوليس کي پاڪستان ۾ تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاملن جي بهتر حل لاءِ رابطا جاري رکڻ تي به زور ڏنو ويو. پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان افغانستان امپورٽ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي ۽ پرڏيهي وزير، وزيراعظم عمران خان طرفان 40 هزار ٽن ڪڻڪ جي تحفي جو خط افغان صدر حوالي ڪيو، ان سان گڏوگڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي دوري دوران افغان پناهگيرن جي واپسي جو معاملو به افغان قيادت سامهون اٿاريو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟