سنڌ ۾ به تبديليءَ جو پڙاڏو، 238 سرڪاري گاڏيون نيلام ڪرڻ جي منظوري

0Shares

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ ريلوي خساري ڪيس ۾ اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق کي فوري طور طلب ڪري ورتو آهي.چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ريلوي جي خساري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي چيف جسٽس خواجه سعد رفيق کي فوري طور طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته خواجه سعد رفيق هاڻي ريلوي جو وزير ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورو معاملو سندس دور ۾ ٿيو آهي، هاڻي خساري جي رپورٽ اچي چڪي آهي، خساري جي رپورٽ اچڻ بعد هي ڪيس نيب جو ٺهي ٿو. سپريم ڪورٽ ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي خواجه سعد رفيق جي عدالت ۾ پيشي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وقفي بعد خواجه سعد رفيق جي پيش ٿيڻ تي چيف جسٽس پڇاڻوڪيو ته توهان آڊٽ رپورٽ ڏٺي آهي، جنهن تي خواجه سعد رفيق چيو ته اسان ريلوي کي پنهنجي پيرن تي بيهاريوآهي، جيترو ريلوي کي  ٺيڪ ڪري سگهيس پئي مان ڪوشش ڪئي، مان هتي بي عزتي ڪرائڻ نه آيو آهيان. چيف جسٽس چيو ته توهان جي ڪير به بي عزتي نه ڪري رهيو آهي.  چيف جسٽس چيو ته خواجه صاحب توهان ته گهران ئي ڪاوڙيل آيا آهيو، خواجه سعد رفيق چيو ته مان ڪاوڙ ۾ نه آيو آهيان، ججز جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ آهي ته هو ڪنهن جي بي عزتي نه ڪن، مون سان انصاف نه ٿي رهيو آهي، مون کي ٻڌايو وڃي ته مون بابت رپورٽ ۾ چيو ويو ته مان بدعنواني يا وري ڪرپشن ڪئي آهي، هڪ هزار جي آڊٽ رپورٽ تي ڪيئن جواب جمع ڪرايان، مان ڪو اڪائونٽ آفيسر نه آهيان.  چيف جسٽس چيو ته توهان غرور گهر ڇڏي ايندا ڪيو، توهان پنهنجو رويو درست ڪيو، عدالت ۾ ٺيڪ نموني ڳالهايو، ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه جي آهي، توهان کي، خواجه صاحب هتي جيڪو پڇو وڃي اهو ٻڌايو، توهان گهران سوچي آيا آهيو ته عدالت جي بي حرمتي ڪرڻي آهي، توهان وڪيل ڪيو، ڪنهن ڪنسلٽنٽ سان مشورو ڪري جواب جمع ڪرايو.  خواجه سعد رفيق چيو ته الله شاهد آهي ته مان عدليه جي توهين بابت سوچي نه ٿو سگهان، مان شابس وٺڻ ايندو آهيان پر توهان کي ڌڙڪا ملي ويندا آهن. خواجه سعد رفيق عدالت کي درخواست ڪئي ته منهنجي اليڪشن آهي ۽ هڪ هزار صفحن تي ٻڌل رپورٽ آهي تنهن ڪري مون کي هڪ مهيني جي مهلت ڏني وڃي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان جواب جمع ڪرايو پوءِ ڏسون ٿا شابس ملي ٿي يا نه ٿي ملي، خواجه آصف توهان بي فڪر ٿيو ناانصافي نه ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں