نئون آباد ۾ پيار گناھ بڻجي ويو!، جوڙو ڪارو ڪاري ڪري بي رحميءَ سان قتل

0Shares

ڄام نواز علي (رپوٽر )نئون آباد ڀرسان  ٻوٻي اسٽيشن   لڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو مائٽن هٿان بي دردي سان  قتل سندس  لاش بنا  ڪفن ۽ غسل  جي دفن , رات جي اونداهي ۾ واري جي دڙن ۾ کڏ کوٽي دفعن علائقي ڪيو ويو  ,خوف حراس قبرن تي پوليس پيڪيٽ قائم رپورٽ موجب نئون آباد لڳ ٻوٻي اسٽيشن ڀرسان , ڳوٺ نواب صادق لغاري  ۾ هڪ مهينو اڳ ۾ پسند جو پڙو ڪندڙ جوڙو ۲۰ سالا حميده ناريجو ۽  ۳۰ سالاسڄڻ خان ناريجو پنهنجي رت جي رستن هٿان ابدي ننڊ سمهاريا ويا  جوابدار غلام حسين  ناريجو ڪارنهن جي الزام  ڪهاڙين جا وار ڪري   حميده ناريجو,  سڄڻ ناريجو کي 5ڏينهن پهرين  قتل ڪري سندن لاش لڪ ڇپ ۾  بنا ڪفن ۽غسل جي دفن ڪيو ويو  رات جي اونداهي۾ واري جي دڙڻ ۾ کڏ کوٽي  پوري ڇڏيا قتل جي راز 5ڏينهن تائين دفعن  رهيو علائقي واسين اهڙو  قتل جو  اطلاع  جهول پوليس  کي ڏنو پوليس جي جانچ ڪرڻ دوران ٻٽو قتل ٿيڻ جي تصديق ٿي پوليس وڌيڪ جانچ ڪندي  جتي  جوڙي کي دفن ڪيو ويو اها جاء هٿ ڪري اتي پوليس پيڪيٽ قائم ڪري ڇڏيو قتل ٿيل پريمي جوڙي حميده ۽ سڄڻ خان ناريجو بابت ايس ايڇ او جهول مقصود احمد چنا صحافين کي تفصيل ڏيندي چيو ته  هڪ عورت سميت 5ڄڻا گرفتار ڪيا آهن   قتل ڪندڙ جوابدارن هرهڪ غلام حسين ناريجو ,علي گوهرناريجو  ,چنيسر ,ضمير ناريجو ۽ عورت عزيزان ناريجو   کي گرفتار ڪيو آهي جن کان جانچ ڪريون پيا سندن  جي نشاندهي تي قبرون هٿ ڪيون آهن جتي  پريمي جوڙي کي بنا غسل ڪفن جي کڏ کوٽي پوريو ويو  جتي پوليس پيڪيٽ قائم ڪئي وئي آهي وڌيڪ عدالتي حڪم بعد  ڊاڪٽرن جي ٽيم  ۾ قبر ڪشائي ڪنداسين وڌيڪ جانچ ڪريون پيا

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں