پني عاقل لڳ زمين جي معاملي تان پٽ سڳي پيءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

0Shares

پنوعاقل:(رپورٽ :رستم انڍڙ) پنوعاقل ويجهو نافرمان پٽ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو،قاتل فرار ،واقعي جو ڪيس داخل خبرموجب: پنوعاقل جي ڪچي جي صڌوجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سانولوچاچڙ ۾ سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين جي مامري تان چاچر ذات جي ساکاڻي پاڙي جي منير پنهنجي سڳي پوڙهي پيءُ نالي پياري چاچڙ کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڏيو.قتل جو اطلاع صڌوجا ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو،جيڪا موقع جاءِ واردات تي پهچي مقتول جي لاش کي وارثن سميت پرائيويٽ جيپ تي کڻائي تعلقه اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته قاتل پٽ منير پنهنجي پيءُ کي ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي،قتل ٿي پياري چاچڙ جي ٻين پٽن پاران ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پيءُ جو قاتل پٽ ته فرار ٿي ويو آهي پر حد جي پوليس قاتلن بجاءِ ٻين ماڻهن کي خرچي ڪڍڻ لاءِ گرفتار ڪري رهي آهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں