ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي 138 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سريلنڪا کي 138 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي. ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم سريلنڪا کي ڪاميابيءَ لاءِ 262 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. دبئي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم 49.3 اوورن ۾ 261 رنسن جي آل آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش طرفان مشفق الرحيم 4 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 144 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد مٿن 63 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو. تميم اقبال زخمي ٿيڻ سبب آخر ۾ بيٽنگ ڪرڻ آيو ۽ هڪ هٿ سان بيٽنگ ڪندي 4 بالن تي 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. سريلنڪا طرفان لاسٿ ملنگا 4، ڊي سلوا 2، جڏهن ته سرنگا لڪمل، اپونسو ۽ پريرا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. سريلنڪا 124 رنسن تي ڍير ٿي وئي. دلروان پريرا 29، اپل ٿرنگا 27 ۽ لڪمل 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. مشرف مرتضيٰ، مستفز الرحمان ۽ مهدي حسن مرزا 2-2 جڏهن ته شڪيب الحسن، ربيل حسين ۽ مصدق حسين هڪ هڪ رانديگر کي پويلين موڪليو. مشفق الرحيم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں