معين علي پاران آسٽريلوي رانديگرن تي نسلي تعصب جو الزام

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ فور جي شروعات 14 فيبروري کان ٿيندي ۽ ٽورنامينٽ جو فائينل 17 مارچ تي 2019ع تي ڪراچي ۾ ٿيندو. چيئرمين پي سي بي احسان ماني جي صدارت هيٺ پي ايس ايل گورننگ ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ايس ايل فرنچائز احسان ماني کي چيئرمين جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. چيئرمين پي سي بي احسان ماني فرنچائز مالڪن جا خدشا دور ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته وزيراعظم عمران خان پي ايس ايل کي وڌيڪ ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿو. احسان ماني جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي خواهش موجب پي ايس ايل کي سڀ کان وڏو برانڊ بڻائڻ آهي ۽ پي ايس ايل 4 جون آخري 8 ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ايس ايل 4 جو ڊرافٽ آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ ٿيندو ۽ هر فرنچائز 10 ڪرڪيٽرن کي برقرار رکي سگهندي. اجلاس ۾ اهو فيصلو به ٿيو ته پي ايس ايل 4 جي ڊرافٽنگ ۾ پهريون وارو لاهور قلندرز جو هوندو. پي ايس ايل جي گورننگ ڪونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي شروعات ايندڙ سال 14 فيبروري کان ٿيندي ۽ پڄاڻي 17 مارچ تي ٿيندي. اجلاس ۾ پي ايس ايل فور جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. فرنچائزز پي ايس ايل جي ڊائريڪٽر پراجيڪٽ نائله ڀٽي جي ڪم کي ساراهيو، اجلاس ۾ 5 فرنچائزز کي رانديگرن جي بقايا جي ادائگي لاءِ ٻن هفتن جي مهلت به ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ايس ايل 4 جي رائٽس لاءِ ايويلويشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں