فلم منٽو جي رليز تي سعادت حسن منٽو جون ڌيئرون ڀارت وينديون

0Shares

ڪراچي(شوبز نيوز) خبرون هيون ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي افساني نگار سعادت حسن منٽو جي زندگي تي ٺهندڙ ڀارتي فلم منٽو جي رليز جي موقعي تي منٽو جون ڌيئرون به ڀارت ۾ موجود هونديون ۽ هاڻ فلم جي هدايتڪارا ننديتا داس ان خبر جي تصديق به ڪري ڇڏي. ننديتا موجب سعادت حسن منٽو جي حياتي تي ٺهندڙ فلم جي رليز لاءِ سندس ڌيئرون نزهت ۽ نصرت پاڪستان کان ڀارت اچي رهيون آهن. هدايتڪارا ننديتا چيو ته اسان کي اميد آهي ته سعادت حسن منٽو جو خاندان آساني سان ڀارت اچي سگهي. منٽو جي فيملي هن وقت پاڪستان جي شهر لاهور ۾ موجود آهي، جيڪي واهگا بارڊر وسيلي ڀارت ايندا ۽ ممبئي ۾ رهندا. ان موقعي تي منٽو جون ٻه ڌيئرون موجود هونديون، جڏهن ته ٽئين ڌيءَ نگهت ذاتي مصروفيتن سبب رليز جو حصو نه بڻجي سگهندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں