اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ احتساب کان سواءِ ملڪ بچي نٿو سگهي سياستدانن، عوام ۽ بيورو ڪريسي کي تبديل ٿيڻو آهي جيڪڏهن پاڻ کي تبديل نه ڪندا ته ترقي نه ڪنداسين ڪابه شئي دنيا ۾ ناممڪن نه آهي، ناممڪن کي ممڪن بنائڻ لاءِ انسان کي پاڻ کي تبديل ٿيڻو پوي ٿو وزيراعظم هائوس جا 4 هيليڪاپٽر، گاڏيون ۽ مينهون به نيلام ڪري رهياآهيون هي مائنڊ سيٽ جي تبديلي آهي جمعي تي سول سروينٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪڏهن به پاڪستان آڏو ايترا چئلينجز نه هئا جيترا اڄ آهن اسان قرضن تي روزانو 6 ارب رپيا وياج ڏيئي رهيا آهيون پاڪستان تي 30 هزار ارب رپيا قرض آهي. هن چيو ته سياستدانن عوام ۽ بيورو ڪريسي کي پاڻ کي تبديل ڪرڻو آهي جيڪڏهن پاڻ کي تبديل نه ڪنداسين ته ترقي نه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو نه آهي اسان جيڪو قرض ورتو اهو پئسو بهتري کان سواءِ اهڙا پروجيڪٽ بڻايا ويا جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيا آهن اورنج ۽ ميٽرو منصوبي جا انگ اکر ڪالهه ڪابينه جي اجلاس ۾ آڏو آيا. ان پرجيڪٽ تي قرض ورتو ويو آهي ۽ وياج ڏيئي رهيا آهيون. عمران خان چيو ته جڏهن کان ملڪ آزاد ٿيو تڏهن کان حڪمران طبقي جو مائينڊ سيٽ تبديل ناهي ٿيو انگريز هندستان جي پئسن سان شاهاڻي زندگي اختيار ڪري ورتي هئي اسان جا حڪمران طبقي غريب جي پئسي تي عياشي ڪئي گوري جي روايت کي اختيار ڪيو آزادي کان پوءِ حڪومت ۽ عوام کي هڪ ٿيڻ گهرجي ها پر نه ٿيا. هتي جنهن نموني خرچ هڪ حڪمران طبقو ڪري رهيو آهي ايئن ڪٿي ناهي ٿيندو اسان کي انگريز واري دور کي تبديل ڪرڻو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا خراب پاڻي پيئڻ سان فوت ٿين ٿا ويم دوران بنيادي طبي سهولتون نه هجڻ سان عورتون فوت ٿين ٿيون ملڪ جو تعليمي نظام بگاڙيو ويو وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي ووٽ تي آيا آهيون ۽ ان جي ٽيڪس جي پئسي تي ويٺا آهيون قومون چئلينجز مان نڪري وينديون آهن اسان بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. قوم جو هڪ هڪ رپيون خرچ ڪرڻ وقت سوچون ته هي انهن اڍائي ڪروڙ ٻارڙن تي لڳي سگهي ٿو جيڪي اسڪول نٿا وڃن عمران خان چيو ته احتساب کان سواءِ ملڪ بچي نٿو سگهي جنهن سطح جي ڪرپشن آهي سڄو مسئلو ئي ڪرپشن آهي پئسو چوري ڌار ٿيو پر پئسا چوري ڪرڻ لاءِ جيڪي ادارا تباهه ڪيا ويا ان ملڪ تباهه ڪري ڇڏيا ٽين دنيا جو سبب ڪرپشن آهي پئسا چوري ڪرڻ لاءِ ادارا تباهه ڪيا وڃن ٿا جيڪڏهن اڄ اولهه ۾ شفافيت آهي ته ان جو سبب هي نه آهي ته اهي اسان کان وڌيڪ ايماندار آهن بس انهن جا ادارا مضبوط اهن وزيراعظم چيو ته ملڪ جي لاءِ احتساب ضروري آهي بيورو ڪريسي جون جيڪي شڪايتون هيون ان تي چيئرمين نيب سان ڳالهايو آهي کيس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بيوروڪريٽ کان جاچ ڪرڻي آهي ته ان جي تذليل نه ڪئي وڃي بيورو ڪريٽ جيڪڏهن ڪم نه ڪندو ته اسان ڀلي ڪيتريون به پنهنجي مرضي سان پاليسيون ٺاهيون ڪامياب نه ٿينداسين اسان وڏو رسڪ وٺي رهيا آهيون هن چيو ته بيورو ڪريسي کي يقين ڏياريان ٿو ته اوهان چانس وٺو غلطي ٿيندي آهي سڀ کان گهڻيون مون کان غلطيون ٿيون غلطي ٿيڻ ڪائي خراب ڳالهه نه آهي پر پوري طرح ڪم ڪريو ڪا غلطي ٿي ته مان گڏ هوندس يقيني بڻائينداسين ته بيورو ڪريسي تي ڪوئي دٻاءُ نه پوي اوهان مون کي پسند ڪيو يا نه ڪيو ڪابه پرواهه نه آهي مون کي صرف ڪم سان مطلب آهي عمران خان چيو ته سڀ کان وڏو مسئلو حڪومت لاءِ جلدي جلدي پوسٽنگ ٽرانسفر آهي بيورو ڪريسي ريفارمز کان نه گهٻرائي هي ميرٽ کي پروموٽ ڪندي بيورو ڪريسي جي پگهارن جي اسٽريڪچر جو احساس آهي تسليم ڪيان ٿو ته بيورو ڪريٽ پنهنجي پگهار تي گذارو نٿا ڪري سگهن پر هي مشڪل وقت برداشت ڪن هي گهڻي دير تائين ناهي هوندو دنيا ۾ ڪابه قوم سڌو مٿي ناهي ويندي قومن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن هن وقت اسان جون حالتون خراب آهن پر هڪ طاقت آهي جيڪڏهن حڪمراني جو طريقو ٺيڪ ڪري وٺون ته هي قوم تيزي سان مٿي ويندي وزيراعظم چيو ته اورسيز پاڪستاني وٽ سيڙپڪاري لاءِ ڳچ پئسو آهي پر اهي صرف گورننس جي ڪري سيڙپڪاري نٿا ڪن جيڪڏهن اسان ٻن سالن ۾ گورننس سسٽم ٺيڪ ڪري ڇڏيو ته بي فڪر ٿي وڃو ملڪ ۾ ايترو پئسو اچي ويندا جو قرض جا مسئلا به حل ٿي ويندا. عمران خان چيو ته مان انهيءَ ملڪ ۾ رهيو آهيان جنهن جي اونهاري جون موڪليون لنڊن ۾ گذريون هجن ۽ دورا به لنڊن جا هجن کين ناهي خبر ته ملڪ ۾ ڪيترو پروٽيشن آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟