ڪراچي ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ڊڪليئر، صنعتن جي 90 سيڪڙو فراهمي روڪي وئي، وڏو شارٽ فال آهي: مراد علي شاهه

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته شھر ۾ پاڻي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ھلندڙ منصوبا آھن جن کي اولين ترجيح ڏني وڃي تھ جيئن انھن کي عوام جي مفاد ۾ مڪمل ڪري سگھي. ھن اھا ڳالھه وزيراعليٰ ھائوس ۾ پاڻي جي فراھمي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ھلندڙ منصوبن جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر جنرل (ر) اعظم سليمان چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سھيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي / پي ڊي گرين لائين پروجيڪٽ صالح فاروقي، ڊائريڪٽر گرين لائين زبير چنو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حفيظ عمراڻي، ايم ڊي واٽر بورڊ خالد شيخ، پي ڊي ڪي-فور پراجيڪٽ اسد ضامن ۽ ٻيا شريڪ ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ شھر جي گڏيل پاڻي جي گھرج 54 گيلن پر ڪيپيٽا روزاني آھي جيڪا 918 ايم جي ڊي بڻجي ٿي، اھڙي ريت گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏو شارٽ فال موجود آھي. ايم ڊي واٽر بورڊ خالد شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ حب واري علائقي ۾ گھٽ برسات ٿيڻ ڪري شھر کي پاڻي جي فراھمي 100 ايم جي ڊي کان گھٽجي 12 ايم جي ڊي رھجي وئي آھي. ايم ڊي واٽر بورڊ ٻڌايو تھ ڪراچي کي پاڻي جي فراھمي 493 ايم جي ڊي آھي جنھن ۾ ٽرانسميشن دوران 148 ايم جي ڊي پاڻي ضايع ٿي ويندو آھي تنھن ڪري پاڻي فراھمي 345 ٿيندي آھي، اھڙي ريت 918 ايم جي ڊي گھرج جي مقابلي ۾ 573 ايم جي ڊي جو گيپ آھي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ سائيٽ جي پاڻي گھرج 80 ايم جي ڊي آھي جنھن جي بدران ان کي رڳو 6 ايم جي ڊي پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، ايف بي انڊسٽريل ايريا جي گھرج 20 ايم جي ڊي آھي ۽ ان کي 3 ايم جي ڊي ملي رھيو آھي، لانڍي ڪورنگي جي گھرج 50 ايم جي ڊي آھي ۽ ان کي 15 ايم جي ڊي، سپر ھاءِ وي سائيٽ جي گھرج 50 ايم جي ڊي آھي ۽ ان کي رڳو ھڪ ايم جي ڊي ملي رھيو آھي. اھڙي ريت صنعتي علائقن جي پاڻي جي گھرج 200 ايم جي ڊي آھي ۽ انھن کي رڳو 25 ايم جي ڊي ملي رھيو آھي، اھڙي طرح انھن کي 175 ايم جي ڊي پاڻي گھٽ فراھم ٿي رھيو آھي. وڏي وزير چيو تھ سندس گھريلو ۽ صنعتي ٻنھي جي پاڻي جي فراھمي جي مسئلن کي برابر توجھھ ڏني پئي وڃي ۽ اھو ئي سبب آھي تھ ھن ڊيسيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن چيو تھ ھُو ڊپٽي ڪمشنرز جي ذريعي شھر جي انھن علائقن جيڪي پاڻي کان محروم آھن اتي مفت ٽينڪر جي ذريعي پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاھھ ايم ڊي واٽر بورڊ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو پاڻي جي فراھمي جي چئن اھم ھلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪيو وڃي. انھن ۾ 60 ايم جي ڊي ريسائيڪلنگ، 260 ايم جي ڊي ڪي-فور، 65 ايم جي ڊي بلڪ اسڪيمز ۽ 100 ايم جي ڊي پمپ ھائوس اسڪيمون شامل آھن. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو تھ اھي ڊسمبر 2020 ۾ مڪمل ٿي ويندا ۽ 100 ايم جي ڊي پمپ ھائوس اسڪيم جنھن جي لاڳت جو تخمينو 1.43 ملين رپيا آھي مارچ 2019ع تائين آپريشنل ٿي ويندي. وڏي وزير چيو تھ ايس ٿري پروجيڪٽ ۾ 100 ايم جي ڊي ھاڻوڪي ٽريٽمينٽ پلانٽ I&III جي بحالي ۽ 180 ايم جي ڊي ۽ نئين ٽريٽمينٽ پلانٽ جي تعمير، ايس ٽي پي IV 180 ايم جي ڊي ڪورنگي ۾ ۽ 100 ايم جي ڊي ڪي پي ٽي ايس ٽي پي V شامل آھن. انھن منصوبن سان 608 ايم جي ڊي ٽريٽ ڪرڻ جي سھولت حاصل ھوندي. ايم ڊي واٽر بورڊ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ ايس ٿري جي لاڳت 36.12 بلين رپيا آھي ۽ ان جو 23 سيڪڙو مجموعي ڪم ڪيو ويو آھي ۽ 26 سيڪڙو سول ورڪ. وڏي وزير ھن کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ان تي ٿيندڙ ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي چيو تھ ھُو سندس وقت بوقت اڳڀرائي بابت آگاھھ ڪندو رھي. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي ٻڌايو تھ ڪمبائنڊ افليوئينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ وارو منصوبو 11.8 بلين رپين جو آھي ۽ ان ۾ صوبائي حڪومت 67 سيڪڙو ۽ وفاقي حڪومت 33 سيڪڙو لاڳت برداشت ڪنديون. ان سان 94 ايم جي ڊي انڊسٽريل سيوريج جي صفائي ٿيندي ۽ ماحول صاف سٿرو ٿيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ اھو پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ ڊزائين ڪيو آھي. گرين لائين: پي ڊي بي آر ٽي گرين لائين پروجيڪٽ صالح فاروقيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ سرجاڻي کان ميونسپل پارڪ 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ ان منصوبي جي لاڳت 17.85 بلين رپيا آھي. ھن چيو تھ گرومندر کان ڪوريڊور جيڪو 21 ڪلوميٽر پورو ڪيو ويو آھي ۽ عبدالستار ايڌي انٽر چينج جيڪو ھڪ ڪلو ميٽر آھي اھو پڻ مڪمل ڪيو ويو آھي. 21 بي آر ٽي اسٽيشنن جي تعمير وارو ڪم حتمي مرحلن ۽ اھو ڊسمبر 2018ع جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. صالح فاروقيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ سرجاڻي ۾ پارڪنگ، واشنگ لاءِ بس ڊيپو مينٽيننس يارڊ جو ڪم 60 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آھي. آپريشنل ڪمانڊ ڪنٽرول بلڊنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي. رڳو ان جي فنشنگ وارو ڪم حتمي مرحلي ۾ آھي. واضح رھي تھ بي آر ٽي گرين لائين پروجيڪٽ انٽرسيڪشن ۽ ٽرنگ سان 24 ڪلوميٽر ڊگھو آھي ان ۾ 12.7 ڪلوميٽر ايليويٽڊ آھي، 10.9 ڪلوميٽر گريڊ تي، 422 ميٽرز انڊر گرائونڊ ۽ ان جا 25 اسٽيشنز آھن.صالح فاروقي چيو تھ گرومندر کان ميونسپل پارڪ تائين ڪامن ڪوريڊور فيز ٽو جي ڊيگھھ 2.5 ڪلوميٽر آھي جنھن ۾ ايم اي جناح روڊ تي 2 انڊرپاسز آھن. ھن چيو تھ انڊرگرائونڊ بس ٽرمنل پارڪنگ جي سھولت سان گڏ آھي ۽ ڪمرشل ميزنائين فلور تعمير ڪيو پيو وڃي، ان جو اڃا تائين 20 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آھي. وڏي وزير چيو تھ نمائش کان ميونسپل پارڪ تائين ڪامن ڪوريڊور ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ٽيڪنيڪل ٽيم ڊزائين ڪيو آھي ۽ ورلڊ بينڪ سمورن ايندڙ بي آر ٽيز سروسز جي تعمير ڪندي. ھن چيو تھ مون کي ڄاڻ آھي تھ ڊزائيننگ واري ڪم ۾ ڪجھھ دير لڳندي آھي پر ان ڪم ۾ لازمي طور تي تيزي اچڻ گھرجي. ھن چيو تھ ھُو ان رٿا کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں