صنعتي يونٽن جي معائني جو حڪم، مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازوئي ناهي: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته  مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازو ناهي، اهي سڌ سنئون شهرين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان سندن 50، 50 لک رپين جي زر ضمانت ضبط ڪري ڇڏينداسين ۽ سڪيورٽي جمع نه ڪرائيندڙن کان 8 سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين، اها سموري رقمڊيم فنڊ ۾ وڃڻي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اسلام آباد ۾ صنعتي ۽ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊائريڪٽر ايڇ آر سيل سپريم ڪورٽ، ڊي جي ماحوليات کي صنعتي يونٽس جي معائني جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو آهي ته اسلام آباد جي صنعتي يونٽن جي معائني جي پنج ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪيترا صنعتي يونٽ فعال آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن صنعتي يونٽس آلودگي روڪڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا آهن، ڊي جي ماحولياتي تحفظ عدالت کي ٻڌايو ته نه صنعتن قدم کنيا ۽ نه وري معائني جي اجازت ڏني وڃي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ملز مالڪن کي طاقت جو اندازو ئي ناهي، اهي ماڻهو سڌ سنئون شهرين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان سندن 50، 50 لک رپين جي زر ضمانت ضبط ڪري ڇڏينداسين، سڪيورٽي جمع نه ڪرائيندڙن کان 8 سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين، سموري رقم ڊيم فنڊ ۾ وڃڻي آهي، عدالت صنعتي ۽ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں