جعلي ڀرتيون: سائين رکيي ميراڻي ۽ خادم رند سميت 18 پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي الزام ۾ 18 اعليٰ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت سروسز کاتي طرفان پوليس سروس پاڪستان جي 18 آفيسرن جي خلاف ڪارروائي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ انهن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي انڪوائري ڪميٽي 18 آفيسرن کي غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث قرار ڏنو، انهن آفيسرن تي غير قانوني ڀرتين سان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جا الزام آهن جڏهن ته ڀرتيون سکر، لاڙڪاڻي ۽ بينظير آباد ۾ ڪيون ويون. خط موجب انهن آفيسرن ۾ سائين رکيو ميراڻي، خادم حسين رند، جاويد عالم اوڍو، شرجيل کرل، عبدالله شيخ، جاويد جسڪاڻي، اعتزاز گورايا، پير محمد شاهه، پرويز چانڊيو، عثمان غني ۽ ناصر آفتاب شامل آهن. ان کان علاوه عمر فاروق سلامت، خالد ڪورائي، ظفر اقبال، فدا حسين شاهه، الطاف حسين لغاري، جنيد شيخ ۽ امداد علي شاهه جي خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں