اصل سنجو ٺاهيان ها ته ماڻهو سنجي دت سان نفرت ڪن ها: راجڪمار هيراني

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) هدايتڪار راجڪمار هيراني انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ فلم سنجو ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون نه ته ماڻهو اصلي سنجو ڏسن ها ته سنجي دت سان نفرت ڪرڻ لڳن ها. بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم سنجو جي هدايتڪار راجڪمار هيراني پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شروعات ۾ فلم سنجو ان فلم کان الڳ هئي جيڪا اسڪرين تي پيش ڪئي وئي. جيڪڏهن شوقين اها فلم ڏسي ون ها جيڪا پهريان ايڊٽ ڪئي وئي هئي ته سنجي دت سان محبت ڪرڻ بدران ان سان نفرت ڪرڻ لڳن ها ڇو ته فلم ۾ اهڙو ڪوبه سين شامل نه هو جنهن سان سنجي دت جي شخصيت جو مثبت پهلو اجاڳر ٿئي ها. راجڪمار هيراني ٻڌايو ته هن بعد ۾ سوچيو ته سنجي دست ان فلم جو هيرو آهي ۽ هيرو جو منفي اميج پيش ڪرڻ صحيح نه هوندو ان ڪري هن فلم ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ۽ ٻيهر ڪيترائي سين شوٽ ڪري فلم ۾ شامل ڪيا جنهن ۾ سنجي دت سٺو انسان ڏيکاريو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں