سلمان خان جي ڀيڻوي آيوش جو ڪترينا سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) دبنگ ادڪار سلمان خان جي ڀيڻوي آيوش شرما چيو آهي ته هو سلمان خان سبب ادڪارا ڪترينا ڪيف سان گڏ ڪم  نه ڪندو. ڀارتي ميڊيا ۾ ڪافي عرصي کان اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اداڪارا ڪترينا ڪيف سلمان خان جي ڀيڻوي آيوش شرما سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر هاڻ تازوئي هڪ انٽرويو دوران آيوش ان ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيوته رڳو ڪترينا ڪيف ئي نه پر مان به ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان. ڪترينا ڪيف سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو سبب آيوش بالي ووڊ سلطان اداڪار سلمان خان کي قرار ڏيندي چيو ته اسان ٻئي سلمان خان سبب گڏ ڪم نٿا ڪري  سگهون . آيوش چيوته اها ته سڀني کي خبر آهي ته رنبير کان اڳ ڪترينا جي سلمان خان سان ويجهڙائي هئي. پر جڏهن ڪترينا رنبير ڪپور جي ويجهو ٿي ته ٻنهي جي رشتي ۾ ڏار پئجي ويا هئا اهو ئي سبب اهو ئي سبب جو نه ڪترينا مون سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهي پئي نه ئي وري مان پر هاڻ سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سلمان خان جي هوم پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ واري آيوش شرما جي پهرين فلم” لوراتري“ 5 آڪٽوبر تي ريليز ٿي رهي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں