پي سي بي چيف سليڪٽر انضمام الحق تڪرارن جي ور چڙهي ويو

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق تڪرارن جي ور چڙهي ويو. چيف سليڪٽر انضمام الحق جي حوالي سان اطلاع گردش ۾ آهن ته هن جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه باسط علي کي فون ڪري چيوته اوهان منهنجي پٽ کي انڊر 19 ٽيم ۾ شامل نه ڪيو. ذريعن موجب باسط علي اها ڳالهه اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالقادر کي ٻڌائيندي ان جي صداقت تي به اسرار ڪيو آهي. ٻئي طرف انضمام الحق ان الزام جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به جونيئر سليڪشن ڪميٽي سان رابطو نه ڪيو، الزام منهنجي لاءِ ڳڻتي جو سبب  آهي ۽ ان معاملي کي پي سي بي چيئرمين وٽ کڻي وڃي رهيو آهيان.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں